اسلام آباد(م ڊ) وڌيڪ 5 وفاقي وزيرن کي اضافي قلمدان ملي ويا، ڪابينا ڊويزن  5 وفاقي وزيرن کي اضافي قلمدان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب نجڪاري واري وزير عبدالعليم خان کي مواصلات جو اضافي قلمدان مليو، نوٽيفڪيشن موجب چوڌري سالڪ کي مذهبي معاملا  ۽ وزير صنعت، راڻا تنوير کي نيشنل فوڊ سڪيورٽي جو اضافي قلمدان سونپيو ويو. ان کان علاوه منصوبابندي واري وزير احسن اقبال کي بين الصوبائي رابطا ۽ وزير پيٽروليم مصدق ملڪ کي پاڻي وسيلن جو اضافي قلمدان مليو آهي.