ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچز جي سيريز 13 ڊسمبر کان شروع ٿيندي، سموريون ميچز ڪراچي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. پوليس اختيارين موجب سيريز دوران 800ايس يو يو ڪمانڊوز سميت 1500 کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر هوندا.