ويسر جي واچوڙن ۾ وڃايل ڪجھ ڪردار

0
36
ويسر جي واچوڙن ۾ وڃايل ڪجھ ڪردار

هونئن ته ساري دنيا ۾  ملڪ، علائقا،  ڳوٺ،  درياءَ، جبل، جانور ۽ جنگيون ڪنهن نه ڪنهن نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. انهن ملڪن ۾ ماڻھن، علائقن، دريائن ۽ سمنڊن جا نالا اتان جي قديمي ٻولين، تهذيبن ۽ مذهبن سان جڙيل هوندا آهن. اهڙي طرح سان پاڪ و هند ۾ به ماڻھن جا نالا مذھب ۽ وڻن ٽڻن جي نالن پٺيان پيل رهيا آھن. اڳ جي ڀيٽ ۾ ماڻھن جي نالن ۾ ڪجھ تبديلي ايندي رهي  آھي. جڏهن کان تعليم جو واڌارو ٿيندو رهيو ته ماڻھن جي نالن ۾ به بهتري ٿيندي رهي. پڙھيل لکيل ماڻھن ۾ وري هڪ ٻيو لاڙو اچڻ لڳو، اهو هو دنيا جي مشهور ماڻھن جا نالا  پنهنجي اولاد تي رکڻ. اهڙي طرح سان شهرن، ڳوٺن، علائقن، واهن، روڊن، تعليمي درسگاهن جا نالا وري ماڻھن جي نالن پٺيان رکيا ويا. صدين کان  علائقا،  ملڪ،  جنگيون، ماڻھو، پکي، جانور، درياءَ، سمنڊ، ۽ ٻيون شيون پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪري انهن نالن سان سڏجنديون رهيون، جيئن آگره ۾ عمارت تاج محل، جا  شاهه جهان سندس راڻي ممتاز محل جي نالي پٺيان تعمير ڪرائي. جڏھن هوءَ گذاري ويئي هئي ته عمارت ان ئي نالي سان دنيا جي عجائبن ۾ سڏجڻ لڳي. جيڪب آباد شهر، جان جيڪب جي نالي پٺيان،  ٽنڊو باگو، مير باگو جي نالي پٺيان،  ٽنڊو ولي محمد مير ولي محمد جي نالي پٺيان، مٺي شھر مٺي ڪنڀارڻ جي نالي پٺيان، ننگر پارڪر شهر، سامونڊي تڙ، لنگر جي نالي پٺيان، سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي نالي پٺيان، غلام محمد بئراج غلام محمد جي نالي پٺيان (جو قائد اعظم محمد علي جناح پڄاڻان پاڪستان جو  گورنر جنرل مقرر ٿيو هو). اهڙي طرح سان هر ملڪ ۾ اتان جا شھر، روڊ،  جنگيون،  ميلا ملاکڙا، ڪئنال، ڳوٺ ۽ تاريخي هنڌ اتان جي مشھور ماڻھن جي نالن پٺيان سڏجن ٿا، ۽ ڪجھ تاريخي جايون، نديون يا وري شھر مذھبي نالن سان به منسوب ٿيل آھن.

سنڌ ۾ شھر، ڳوٺ، واهه، کوهه، روڊ ۽ علائقا به اڪثر ڪري ماڻھن جي نالن پٺيان سڏجن ٿا، پر سنڌ جي آڳاٽن ماڻھن جا نالا، جن ۾  پارپيو، جمڙو، پپيتو، ٻير، گومندو، بولو، راڌو،  ٻٻر، نم، سومار، آچر، اڱاريو، بچو، ميهار، مکڻ، ڳهڻو خان،  لهڻو خان، ٻاٻيهو، کمون، جبل خان،  سمندر خان، ڪهاڙو، ڀئونر، پاڏو خان، شينهن خان، منو، نجو، مٺو، بکر، سکر،  شهڪ،  گل، سومرو، ملهار، ماهي، شاهي، راهي، جوڳي، جاڙو، جگنو، واهي، پانڌي، پينڌ، ڌڱاڻو خان، بوبڪ، بهارو، بنگل خان، ڀائي خان، ٺارو، شادني، شادو، شادي خان، آرو خان،   گگن، ڀون، آڪاش، انب خان، اپي، لکي، قمرو، سورج، ڏاڙهون خان، مارو، خوشدل خان، غمدل،  ڪانگل، چَتون، طوطو، مور، نارو، شفن، چمن، کمن، موندر خان، داد خان، سمن، شمن، ۽ ٻيا اهڙا کوڙ نالا هئا، جيڪي وڻن، گلن، جانورن، موسمن، زيورن ۽ ڏينهن جي مناسبت سان  هوندا هئا ۽ اهو عجيب اتفاق آھي ته ڪڏهن ڪڏھن اهڙن نالن وارا ماڻھو غريب ئي سهي، پر عجيب غريب ڪردارن جا مالڪ هوندا هئا. جيستائين آئون اهڙن نالن وارن ڪردارن کي، جن کي مون اکين سان ڏٺو، ڳولهي هٿ  ڪريان، تيستائين هڪ ياد مون کي رهنڊون پائي رهي  آھي، ان کي  لکي ٿو وٺان.

اڪثر ڪري رسيس کان پوءِ ڪلاس ۾ ويهندي ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي هئي. دعائون پيا گهرندا هئاسين ته هاڻي سگهو موڪل ٿئي. منهنجي پاسي کان ‘خاڪو’ نالي سان ڇوڪرو ويٺل هوندو هو. هو هفتي ۾ ٽي ڏينهن ڏاڍو خوش، ته ٽي ڏينهن پريشان رهندو  هو. خوش انهن ڏينهن ۾ رهندو هو، جن ڏينهن ۾ لهڻي خان جو ڪلاس ۾ پيرڊ ھوندو هو.  ان ڏينهن هو صبح سان ئي سندس سيٽ ڇڏي،  اچي مون کي چوندو هو ته اڄ سائين لهڻي خان جو پيرڊ آھي، پر جنهن ڏينهن ميٿاميٽڪس يا ڪيمسٽري جو پيرڊ ھوندو هو ته ٻريو ويٺو هوندو هو. اهي سبجيڪٽ ڏکيا ۽ انهن جا استاد سخت مزاج هوندا هئا. جنهن ڇوڪري کي سندن سوال جو جواب نه آيو ته ان ڇوڪري جي کل ٽڪو به نه ڪندي هئي، ان ڪري خاڪو به فقط سائين لهڻي خان جي اچڻ تي گد گد پيو ٿيندو هو. لهڻو خان درسي تعليم گهٽ، سوشل تعليم وڌيڪ ڏيندو هو. هو ڪلاس ۾ ايندي ئي شاگردن سان دعا سلام ڪرڻ بعد سندس زندگي جا مشاهدا ۽ تاريخ جا واقعا ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. آخر ۾ شاگردن کي هدايت ڪندو هو ته بابا پنهنجون فيئر ڪاپيون تيار رکو ۽ انهن کي چگي نموني پڙهي امتحان جي تياري ڪريو. لهڻي خان جو اهو ڪوڊ ورڊ هوندو هو. مهينا گذري ويندا هئا، نه پاڻ ڪاپيون ڏسندو هو ۽ نه ئي شاگردن کي ڪو سندس مار ڏيڻ جو خوف رهندو هو، جو هو کڻي ڪاپيون لکن. لهڻو خان  بلوچ نسل جو هو، ان وقت اڌڙوٽ وهي ۾ وڃي پهتو هو. گهنڊيدار وار، وڏا شھپر، بلوچي سلائي ۾ ويڪرا ڪپڙا پاتل، گورو رنگ. ظاهري ۾ رواجي وڏيري جو ڏيک ڏيندو هو. هاڻي اهو ياد نه رهيو آھي ته لهڻو خان اسان جي هوندي بدلي ٿي ويو، يا وري اسان مئٽرڪ  پاس ڪري هليا وياسون ۽ لهڻو خان اتي موجود هو.

آئون لهڻي خان کي ڪلاس ۾ ڇڏي ڪڏھن بخار جو بهانو ڪري گهر هليو ايندو هوس. ٻاهر نڪرندو هوس ته سامهون وڻ نظر ايندا هئا ۽ اتي مينهون پيون چرنديون هيون. هڪ ڌنار مينهون پيو چاريندو هو ۽ ڳائيندو هو:

سڄڻن جا ساري سانگ، ويٺو روز روئان،

امين محمد کي عشق اوهان جو، نينهن جي کاڌم نانگ،

سڄڻن جا ساري سانگ، ويٺو روز روئان.

ورو نالي ان ڌنار کي ڦوهه جواني ۾ عشق جي چوٽ لڳڻ ڪري ڏينهن جو مينهن ۾ ڳائيندو هو ۽ رات سندس گهر ٻاهران ڪانن جي ٺھيل جهوپڙي ۾ اڌ رات تائين اڪيلائي ۾ پيو ڳائيندو هو. هو جيستائين نه ڳائيندو هو، تيستائين کيس آرام نه هوندو هو. چوندو هو ته هي فراق جي دانهن آھي، اهي دانهون ئي وصال کي ويجهو آڻينديون. ان جي ايئن چوڻ دوران موجود ماڻھو ٽهڪ ڏيئي کلندا هئا. مون کي گهڻو پوءِ خبر پيئي ته فراق ۽ وصال ڪهڙيون حالتون هونديون آهن. سياري جي ڊگهين راتين ۾ ڪڪڙن جي ٻانگن جا دس، ڳيرن جون ڳٽڪارون، گدڙن جون اونائيون ۽ وروءَ جون ڪافيون پري پري تائين پيون ٻڌبيون هيون. گهڻو پوءِ ورو منظر تان گم ٿي ويو. ان دوران اهي چئوٻول هئا ته ورو منهن ڪري ويو آھي. فراق ۾ فقير بڻجي جيئن ئي مينهون وٿاڻ ۾ واڙي ڪيڏانھن ويو، ڪا خبر نه پيئي ۽ ويو ته وري موٽي نه آيو. سندس پوڙهو پيءُ راڄن، پاڙن کان پڇائون ڪندي ڪندي پنهنجا پساهه پورا ڪري ويو پر وروءَ جو ڪٿان به ڏس پتو نه پيو.

هڪ ٻي ياد کنوڻ جي کجڪي جيان دل جي اڀ تي کنوي پيئي. هڪ سال مها ٻوڏ آئي، ماڻھن جا سوين گهر ڊهي ختم ٿي ويا. برساتون بيهڻ جي ڪن ئي نه پيون. مٿان سنڌو درياءَ جو بند به ٽُٽي پيو. ماڻھو لڏ پلاڻ ۾ لڳي ويا. ڪجھ ماڻھن ڪوهستان ۽ ريگستان جي مٿانهن هنڌن جو رخ ڪيو ته ڪجھ ماڻھو شھرن ڏانهن لڏي ويا. پارپيي جي مائٽن به چوپائي سميت مڪليءَ جي ٽڪريءَ ڏي ڪوچ ڪرڻ جي تياري ڪئي، پر پارپيي گهر جي هر هڪ ماڻھوءَ کان روئي پئي موڪلايو ۽ ايئن پئي چيائين ته آئون پنهنجو گهر نه ڇڏيندس. مون کي پنهنجو گهر ڇڏڻ ئي نٿو اچي. ماڻھو سڀ اتان هليا ويا، پارپيو  گهر جي ڇت تي ويٺو روئندو هو. جڏھن پارپيو ضد تان نه لٿو ته پوءِ ان گهر وارن سندن هڪ همراهه گاڏيءَ سان ساڻس گڏ ڇڏيو ته جيڪڏھن دريائي پاڻي جي اٿل ڳوٺ ڏانهن اچڻ لڳي ته هن کي گاڏيءَ تي کڻي نڪري وڃجان. پوءِ دريائي اٿل ان علائقي کان ڪنارو ڪري ويئي ۽ پارپيو اتي سلامت رهيو.

ڪانگل جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان چار پنج ڪلوميٽر جي فاصلي تي هو. هو روزانو سندس ڳوٺ کان اچي اسان جي سارين جي کري تي ويهندو هو ۽ کري تان جهار هڪليندو هو. پوءِ جڏھن کرو بٽئي ٿيندو هو ته کيس مڻ سوا ان جو ملندو هو. اسان کي چوندو هو ته مون وانگي ڪمائي کائو، توهان ته مائٽن جو کائي پيا وڃايو. جڏھن کرا کيٽ کڄي ويندا هئا ته هو  گڏھ تي ٻير ۽ ڀاڄي کڻي اچي ڳوٺن ۾ هوڪو ڏيئي وڪڻندو هو. ڪڏھن ڪڏھن سندس نابين پيءُ به پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هو، جنهن کي ڳوٺاڻا خيرات به ڏيندا هئا. سندس پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ڪانگل اتان لڏو کڻي ٻي ڪنهن هنڌ هليو ويو.

مون کي انب خان به ياد پيو اچي، جيڪو شهر جي هڪ قديم عمارت ۾ ڍڪ منشي هوندو هو. سندس ڍڪ اڳيان ڪڏھن گڏھ ته ڪڏھن مينهون ۽ ٻڪريون واڙيل هونديون هيون ۽ ھر وقت پيون رنڀنديون هيون. هي پيو انهن اڳيان چڪر ڏيندو هو. ايندڙ ويندڙ کان پيو ڀاڳين جو پڇندو هو ته ڪڏھن ٿا اچي پنج پئسا ڏين ۽ ڍور ڪاهين. انب وڏي وزن وارو اڌڙوٽ ھمراهه هو. هو ٻاتڙيو هو. صحيح ڳالهائي نه سگهندو هو پر جڏھن ڳالهائيندو ۽ کلندو هو ته ميل سوا تي سندس آواز ٻڌبو هو. هن جي ڳالهين تي کل روڪي نه سگهبي هئي. ڍڪ جي پراڻي  جاءِ جڏھن  ڊھي پٽ پيئي ته پوءِ ھو به هليو ويو ۽ گونجندڙ ٽهڪ به ڄڻ ته ڍڪ جي ڊٺل عمارت هيٺان  ھميشه لاءِ دٻجي ويا.

مون کي هڪ ٻيو همراهه به ياد پيو اچي، جيڪو رنگ جو ڪارو ۽ سرير ۾ سنهڙو هوندو هو. جنهن کي گرمين جي موسم ۾ سنهي ڪپڙي جي هٿرادو ٺھيل گجي ۽ گوڏ ٻڌل هوندي هئي. گجيءَ تي ننڍيون ننڍيون ٽڪون ٽانڪيل هونديون هوس. ٽڪن جي روشني ساڻس گڏ ويٺل ماڻھوءَ جي اکين ۾ هر وقت پيئي لڳندي هئي. جڏھن ٿاڌل جا ٻه گلاس پيئندو هو ته پوءِ ڳالھ ڳالھ تي ايئن پيو چوندو هو، “سرو جو ساهه نه منجهي، باقي ڪهڙو به ڏکيو ڪم ڪري وٺنداسين”. هن جي ڳالھ  ڳالھ  تي کل ڇڏائي ويندي هئي. اوطاق تي مهمان مهي جي خدمت لاءِ ويٺو هوندو هو. ٻني ٻاري جو ڪم ڪار به ڪندو هو ته وري مال ڍور ڍڳي جي ٻڌي ڇوڙي به ڪندو هو.  پوليس وارن کان ونءُ ويندو هو. هو چوندو هو ته اهو ماڻھو ڪهڙو جيڪو پوليس ڏسي ۽ نه ڀڄي، پوليس ان ماڻھوءَ کي ٻڌي ترم ۾ ھڻي ڇڏيندي، پوءِ ڪير ڪنهن جو ڪونهي! هو سالن جا سال شھر به نه ويندو هو. جڏھن به سندس شھر وڃڻ ٿيو ته هڪ ڏينهن اڳ هڪ جيڏن کان پيو موڪلائيندو هو: بابا دعا ڪجو، سڀاڻي پنهنجي شھر روانگي آھي، ڪٿي ڪنهن پوليس مقابلي ۾ مارجي نه وڃون. جيڪڏھن بچي نڪتاسين ته ٻئي ڏينهن شام جو اوطاق تي ضرور اچجو، ۽ مون کان غريباڻيون سوکڙيون کڻي وڃجو. شهر مان ٿي آيو ته ڪنهن لاءِ پن ٻيڙين جي پنجي آندائين ته ڪنهن لاءِ رومال  ته ڪنهن لاءِ وري آرسي  آڻيندو هو، ۽ شهر وڃڻ جي ساري ماجرا  ڪچھري ۾ بار بار پيو بيان ڪندو هو. هاڻي سرو ڪهڙن حالن ۾ آھي. ان جي ته ڪا به خبر نه آھي پر سندس هلڻ، گهمڻ، ڳالهائڻ ۽ جسماني قد ڪاٺ ۾ جو مزاح پيو پسبو هو، اهو وسري نٿو وسري.

مٿي بيان ڪيل نالن وارن همراهن جي نالن پٺيان، روڊ، ڪئنال، پليون يا ٻيون اهم جايون ته منسوب نه ٿي سگهيون آھن، پر ڪي ننڍڙا ڳوٺ سندن نالن پٺيان سڏجن ته ٻي ڳالھ آھي. وڏي ڳالھ اها آھي ته جهڙا انهن ماڻھن  جا نالا عجيب غريب هئا، اهڙائي انهن جا عجيب غريب ڪردار به هئا، جن تي نه فقط ماڻھو مُرڪي ٿي سگهيو، پر گردش حالات سبب طبيعت ۾ آيل تيزابيت کي به ٿڌو ڪري ٿي سگهيو.