ويب سيريز ۾ بولڊ سين فلمبند ڪرائڻ تي ڪاجول تي ڇتي تنقيد

0
413
ويب سيريز ۾ بولڊ سين فلمبند ڪرائڻ تي ڪاجول تي ڇتي تنقيد
ويب سيريز ۾ بولڊ سين فلمبند ڪرائڻ تي ڪاجول تي ڇتي تنقيد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪاجول فلم ۾ چپن تي چمي نه فلمبند ڪرائڻ جي پنهنجي پاليسي کي ٽوڙيندي ويب سيريز “دي ٽرائل” ۾ اهي منظر فلمبند ڪرايا ته سوشل ميڊيا تي تنقيد جو طوفان ڪاهي پيو

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره ڪاجول پنهنجي 29 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ “لپ ڪس” جا سين نه فلمائڻ جي پاليسي اپنائي رکي هئي ۽ ڪنهن دٻاءَ ۾ اچڻ بنا پنهنجي ان پاليسي کي برقرار رکيو هيو، چپن تي چمي ڏيڻ جا سين نه فلمائڻ باوجود 48 ورهين جي ڪاجول شوبز انڊسٽري ۾ وڏيون ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون

جڏهن ته هاڻي او ٽي ٽي پليٽ فارم تي رليز ٿيندڙ هڪ ويب سيريز “دي ٽرائل” ۾ ڪاجول جا ڪجهه سينز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن، جن ۾ اداڪاره کي لپ ڪس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، ويب سيريز جي وائر ٿيندڙ انهن منظرن مان محسوس ٿئي ٿو ته ڪاجول پنهنجي 29 سالن جي پاليسي پاڻ ئي ٽوڙي ڇڏي ۽ چمي ڏيڻ ۾ ڪوئي عار محسوس ناهي ڪيو

ياد رهي ته “دي ٽرائل” آمريڪي سيريز “دي گڊ وائف” جو آفيشل ريميڪ آهي، جنهن کي ڪاجول جي مڙس اداڪار اجي ديوگن پروڊيوس ڪيو آهي، اها سيريز هڪ گهريلو عورت جي پنهنجي مڙس جي جنسي اسڪينڊل ۾ ڦاسڻ بعد وڪيل طور تي پنهنجي پيشي ۾ واپسي تي ٻڌل آهي

اها ويب سيريز نه رڳو پنهنجي دلڪش پلاٽ لائن جي لاءِ پر ڪاجول جي چمي نه ڏيڻ واري پاليسي کي ٽوڙڻ جي فيصلي جي لاءِ به ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي