دادو: خودڪشي ڪندڙ پرائمري استاد منظور ٻٻر جي خاندان با اثر وياجين کان ڊنل هئڻ ڪري ڪو به بيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، فوتي جي پٽ محبوب ٻٻر جو چوڻ آهي ته اسان غريب ۽ وياجي طاقتور آهن، بابا ته ان سورن جي ڪري خودڪشي ڪئي، جيڪڏهن اسان ڪجهه ڳالهايو ۽ ڪا شڪايت ڪئي ته اسان جو به جيئڻ جنجال بڻايو ويندو.