ماتلي: پي ايس 70 ماتلي تي ٿيل ضمني ونڊ ۾ پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ دوران ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرايو ويو ۽ ايندڙ ووٽر کي ماسڪ کان بغير ووٽ ڪرڻ کان سختي سان روڪيو ويو. چونڊ جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، 123 پولنگ اسٽيشن تي پوليس رينجرز جا جوان ۽ ليڊيز پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو. واضح هجي ته پي ايس 70 تي پ پ ايم پي بشير احمد ھاليپوٽو جي لاڏاڻي سبب سيٽ خالي ٿي ھئي، پ پ قيادت مرحوم بشير احمد ھاليپوٽو جي خالي ٿيل سيٽ تي ڀاڻج ڏاڏا محمد ھاليپوٽو ٽڪيٽ ڏني هئي.