اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ چونڊن جي مانيٽرنگ ڪندڙ غير سرڪاري اداري فافن پاران چيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ   وارن حڪومتي بلن ۾ وڏي پيماني خاميون آهن، فافن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي پيماني تي سياسي اتفاق راءِ کانسواءِ چونڊ سڌارا ڪرڻ جي ڪوشش سان ايندڙ چونڊن جي ساک بابت سوال پيدا ٿي ويندو، چونڊ  سڌارن تي سياسي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي.پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل حڪومتي ترميم اڻ پوري آهي،