ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت جلد ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن بنڊل (آئز لينڊ)  تي نئون شهر اڏڻ واري منصوبي لاءِ مڃي وٺندي ، ٻيٽن تي شهر اڏجڻ واري منصوبي سان سنڌ جي ماڻهن جو فائدو ٿيندو، پهريان سنڌ جي ماڻهن کي منصوبي جي فائدي بابت آگاهي نه هئي، جنهن ڪري احتجاج ڪيو ويو، هاڻي اهي به فائدي بابت ڄاڻن ٿا.  گذريل ڏينهن گورنر هائوس ۾وفاقي وزير خسرو بختيار سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن کي ڪير کڻي نه پيو وڃي، اهو سڀ ڪجهه هتي ئي رهندو، هزارين ماڻهن کي رٿا مان فائدو ٿيندو،کين روزگار ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ جن ماڻهن پاران ٻيٽن تي شهرن جي اڏاوت واري منصوبي خلاف احتجاج ڪيو ويو هو،  انهن  کي ٻيٽن مان ٿيندڙ فائدي بابت ڄاڻ نه هئي. هن دعويٰ ڪئي ته  سنڌ حڪومت کي به اڳ ۾ خبر نه هئي، هاڻي جلد سنڌ حڪومت ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري منصوبي لاءِ مڃي وٺندي. گورنر وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 13 سالن جي حڪمراني دوران ڪراچي شهر کان رڳو ورتو ويو آهي، موٽ ۾ شهر کي ڪجهه ڏنو ناهي ويو، ڪراچي کان ته گلگت جي ٽرانسپورٽ بهتر آهي، سنڌ جي ماڻهن وٽ صحت ڪارڊ ئي ناهن. هن چيو ته ڪراچي 50 سيڪڙو ايڪسپورٽ ڪري ٿو، هتي وڌيڪ صنعتون لڳائي ايڪسپورٽ کي اڃا وڌايو ويندو، گرين لائين جو فيز ون روٽ مڪمل ٿي ويو آهي، 40 بسون اچن پيون، هن چيو ته گرين لائين عوام لاءِ تحفو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ 2028 ع تائين حڪومت ڪندي، انهي کان اڳ گورنر هائوس ۾ گورنر عمران اسماعيل جي صدارت هيٺ سنڌ انڊسٽريل رابطا ڪاميٽي (ايس آءِ ايل سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ صنعتي علائقن جي مختلف ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، گورنر پاران صنعتڪارن کي يقين ڏياريو ويو ته وزيراعظم صنعتن جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيو آهي، وفاقي وزير صنعتڪارن جاخدشا ٻڌڻ بعد چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صنعتي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي.

 

ڪراچي: صنعتن ۽ پيداوار واري  وفاقي وزير خسرو بختيار چيو آهي ته ملڪ ۾ اسٽيل جي گھرج وڌي پئي، اسان  اسٽيل ملز کي خانگائڻ چاهيون ٿا، ڪراچي ۾  خانگي شعبي پاران وڌيڪ اسٽيل ملز لڳائڻيون پونديون. آهي. گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن وڏي وزير مراد شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاھ صاحب کان سنڌ حڪومت ئي نٿي هلي، پهريان ان کي ته هلائي. اسٽيل ملز سنڌ حڪومت کي ڏئي نٿا سگھون. هن چيو ته پاڪ سوزوڪي جي 100 سيڪڙو پيداوار وڌي آهي، انهن کي به اسٽيل جي گھرج پوندي، 2024ع ۾ اسٽيل جي گھرج  20 ملين ٽن تائين پهچي ويندي، هن چيو ته اسٽيل ملز جي 1500 ايڪڙ زمين تي انڊسٽريل پارڪ ٺاهيو ويندو، اهو منصوبو بجيٽ جو حصو به آهي. هن چيو ته ايندڙ سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ ٺاهيندي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي سنڌ جي پهرين شهر اوٻاوڙو ۾ داخل ٿيڻ سان ئي صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي، هن چيو ته اسٽيل مل وڪرو ٿي ته  وڌيڪ 2 اسٽيل ملون لڳائي سگھون ٿا، بيروزگار ٿيل ملازم نئين اسٽيل ملز ۾ به نوڪري ڪري سگھن ٿا. ڪراچي جي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ پئسا خرچ ڪرڻ گھرجي، ڪراچي کي زمين جو وڏو چيلنج آهي. ملڪي ترقي لاءِ ڪراچي کي اهميت ڏيڻي پوندي. اسان کي 17 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، جيڪڏهن ڪراچي جي ٽيڪس جو پئسو صنعتي سيڪٽر تي خرچ ڪيو وڃي ته اهو 30 اربن تائين پهچي سگھي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت گھٽ وياج واري لو فنانس اسڪيم آڻي رهي آهي، ڪراچي ۾ بجلي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نيشنل گرڊ کان بجلي مهيا ڪري رهيا آهيون.