وفاقي سرڪار جو سنڌ سان سلوڪ ناجائزي آهي

0
143
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ سان وفاق جي سلوڪ تي ڪيتري وقت کان وٺي سوال ٿيندا رهيا آهن،وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود به سنڌ جي ڀڙڀانگ ٿيڻ پٺيان جتي خرابي حڪمراني ۽ بدانتظامي جو هٿ آهي انهي کان وڌيڪ اهم ڪردار وفاق جو سنڌ سان رويو آهي. ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو صوبو هئڻ باوجود وفاق انهي کي سدائين هر معاملي ۾ نظر انداز ڪندو رهيو آهي.گذريل ساڍن ٽن سالن کان ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته هن صوبي کي وفاق پنهنجو سمجهي ئي نه ٿو جو انهي دوران وزيراعظم يا وفاقي وزير ڪڏهن ڪڏهن ڀلجي ڪو هن صوبي جو چڪر هڻندا رهيا اهو به رڳو صوبي جي گادي واري هنڌ تائين محدود هوندو آهي.ڄڻ ته سنڌ جو عوام وفاق جي اوليت تي آهي ئي نه جو وفاقي منصوبن ۾ هن صوبي کي آبادي جي حساب سان حصو ڏنو وڃي يا چونڊيل نمائندن ذريعي هن صوبي تي رقم خرچ ڪئي وڃي. وفاقي سرڪار جا پنهنجا انگ اکر  اهو ٻڌائي رهيا آهن ته وفاقي سرڪار ڪهڙي نموني سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي.

 وفاقي حڪومت سسٽين ايبل ڊولپمينٽ بورڊ اچيومينٽ پروگرام (ايس اي پي) تحت ملڪ اندر ترقياتي منصوبن جي تعين لاءِ دفاع جي وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ 9 مارچ 2020ع تي ڪاميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن ڪاميٽي فيصلو ڪيو هو ته حڪومتي چونڊيل نمائندن جي اسڪيمن لاءِ هلندڙ مالي سال 22-2021ع دوران 56 ارب رپيا خرچ ٿيندا، پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي جي سفارش تي هلندڙ مالي سال جي 7 مهينن دوران يعني جولاءِ 2021ع کان جنوري 2022ع تائين 45 ارب 46 ڪروڙ 80 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن. “پنهنجي اخبار” وٽ موجود سرڪاري دستاويز مطابق هن وقت تائين جاري ٿيل 45 ارب 46 ڪروڙ 80 لک رپين مان سڀ کان وڌيڪ رقم پنجاب صوبي جي چونڊيل نمائندن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 24 ارب 33 ڪروڙ 80 لک رپيا جاري ٿي آهي، ٻئين نمبر تي خيبر پختونخوا صوبي جي اسڪيمن لاءِ 13 ارب 18 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ اهڙي رقم لاڳاپيل صوبن جي صوبائي حڪومتن کي جاري ڪئي وئي آهي. اها  رقم به وفاقي حڪومت ٻين صوبن وانگر سنڌ حڪومت کي جاري ڪرڻ بجاءِ مختلف وفاقي وزارتن کي ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ جاري ڪئي آهي. دستاويز ۾ اهو به  چيو ويو آهي ته پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪابينا پاران قائم ڪيل ڪاميٽي 7 مهينن دوران 45 ارب 46 ڪروڙ 80 لک رپيا جاري ٿيڻ کان پوءِ حڪومتي چونڊيل نمائندن جي اسڪيمن لاءِ هلندڙ سال دوران وڌيڪ 10 ارب 9 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ صوبي کي مجموعي طور تي 5 ارب 85 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.جيڪا رقم ڪي پي کي مليل رقم کان به تمام گهٽ آهي.

اسان سمجهون ٿا ته وفاقي سرڪار جو اهو رويو ڪنهن به ريت سنڌ جي ماڻهن سان انصاف ناهي ،جيڪڏهن ڪنهن صوبي مان ووٽ نه ٿا ملن يا گهٽ ٿا ملن ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ان صوبي کي ترقياتي رٿائن ۾ نظرانداز ڪيو وڃي.وفاقي سرڪار جو مطلب رڳو پنهنجي پارٽي جي سرڪار هئڻ ناهي پر اها هر صوبي جي سرڪار به آهي جيڪي هن فيڊريشن جو حصو آهن تنهن ڪري وفاقي سرڪار کي پنهنجي اهڙي رويئي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي جيڪو هڪ صوبي ۾ احساس محرومي پيدا ڪري رهيو آهي.