وفاقي حڪومت جو ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ جي خاتمي لاءِ اهم قدم

0
181
 بدين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار، شهري روڊن تي نڪري آيا
 بدين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار، شهري روڊن تي نڪري آيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، ٽوئرٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي وفاقي حڪومت طرفان پهرين 350 ميگاواٽ اضافي بجلي فراهم ڪئي ويندي هئي، هاڻي ڪراچي جي شهرين کي لوڊ شيڊنگ کان نجات ڏيارڻ لاءِ هن مقدار ۾ وڌيڪ 2 سئو ميگاواٽ جو اضافو ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪي الڪيٽرڪ جي طرفان بدترين لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن