وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 3 سئو پوائنٽس جو اضافو

0
26
وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 3 سئو پوائنٽس جو اضافو
وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 3 سئو پوائنٽس جو اضافو

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 3 سئو پوائنٽس جو اضافو، اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار شروع ٿيڻ شرط زبردست تيزي ڏسڻ لاءِ ملي

 بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جو رجحان ريڪارڊ ڪيو ويو، بجيٽ پيش ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن اڄ ڪاروبار ۾ زبردست تيزي آئي

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ سان واڳيل ماڻهن بجيٽ تي مثبت ردعمل ڏنو آهي، ڪاروباري ماڻهن موجب بجيٽ ايتري سخت نه آهي جيتريون قياس آرائيون ڪيون پئي ويون

 معاشي ماهرن موجب بجيٽ کان اڳ اطلاع هئا ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي نفعي تي ٽيڪس جي شرح گهڻي وڌائي ويندي، اهڙن اطلاعن  سبب جڏهن اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح گهٽائي ته ان تي مارڪيٽ پاران ڪو خاص ردعمل نه ڏنو ويو

 بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نفعي تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي شرح ۾ رڳو اڍائي سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، معاشي ماهرن موجب اها شرح گهڻي ناهي تنهن ڪري مارڪيٽ مثبت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ ڪاروبار ۾ تيزي آئي

 بجيٽ ۾ نان فائيلرز تي 45 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي وئي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪندڙ فائيلرز هوندا آهن، تنهن ڪري بجيٽ کي مثبت ورتو ويو

هي به پڙهندا

کنڊ، سگريٽ، ڪپڙو، چمڙو، موبائل فون، ڪاغذ، شيشو، لوهه، پراپرٽي، سيمينٽ، گاڏيون، اليڪٽرانڪ سامان مهانگا: پگهارن ۾ 25 ۽ پينشن ۾ 15سيڪڙو واڌ