ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) اڳوڻي وفاقي وزير ، ايم اين اي سيد نويد قمر چيو آهي ته ملڪ کي معاشي گهوٽائي مان مستقل نجات لاءِ پيش ٿيل بجيٽ ۾ قومي مفادن تحت يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي،  اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل کي مخاطب ٿيندي ڪيو ، هن چيو ته مهانگائي سبب عوام   تڪليفن ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي،  جنهن جو احساس ڪرڻ سان  مسئلو حل ٿي نه سگهندو پر ان لاءِ ملڪي ناڻي واري ورڇ واري پاليسي کي عوامي مفادن تحت لازمي ڪرڻو پوندو، جيڪي ملڪ جون معاشي حالتون ٿي ويون آهن ان جو ازالو ڪرڻ لازمي آهي،  وفاقي حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ تي پ پ پنهنجا اعتراض پڻ ڪيا آهن پر ان کي منظور ڪرائڻ قومي مفادن لاءِ ايترو ضروري ٿي پيو آهي جو هاڻي اسان پنهنجي مستقبل کي بچائڻ لاءِ زهر جو ڍڪ پي رهيا آهيون.