وفاقي ادارن مان برطرف ٿيل 16 ھزار کان وڌيڪ ملازمن جي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيڻ وارو

0
178
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ادارن مان برطرف ٿيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن جي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيڻ وارو، سپريم ڪورٽ طرفان سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف نظرثاني درخواستن تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو

 سپريم ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته برطرف ٿيل ملازمن سان همدردي آهي، پر عدالت کي آئين ۽ قانون ڏسڻو آهي، حڪومتي تجويزن جو جائزو وٺنداسين، پر فيصلو آئين ۽ قانون پٽاندڙ ڪيو ويندو

 سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ سان ايف آءِ اي، آءِ بي، ايس ايس جي سي ۽ ٻين وفاقي ادارن مان هزارين ملازمن برطرف ٿيا هئا، وفاقي سرڪار ۽ برطرف ملازمن سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي تي نظرثاني لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي