وزير اعظم عمران خان جو ڏتڙيل سنڌ لاءِ سهانو خواب

0
301
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

ممتاز بخاري سکر مان لکي ٿو

اها لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن عمران خان جي پارٽي اڃان ملڪ ۾ ڄمي نه سگهي هئي ۽ هو ڪجهه ئي پارٽي اڳواڻن سان ملڪ جي شهرن جا دورا ڪندي سکر پهتو هو. گهنٽا گهر وٽ سو سوا ماڻهن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو هئائين ۽ ان ڏينهن سکر جي هڪ شادي هال ۾ فوٽو گرافرن جي تنظيم جي عهديدارن جي حلف کڻڻ واري تقريب هئي. گهنٽا گهر واري ميڙ ۾ ڪنهن کيس تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ هن قبول ڪئي جيتوڻيڪ ان تقريب جو خاص مهمان پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه هو پر هن پوءِ به حامي ڀري. تقريب ۾ ٻئي اڳواڻ گڏ ئي پهتا هئا. جتي عمران خان ته بنهه مختصر تقرير ڪئي هئي پر خورشيد احمد شاهه سندس اچڻ تي آجيان ڪئي هئي. ان بعد عمران خان جي پارٽي مقبول ٿي ۽ هو اقتدار ۾ ڀائيوار بڻيو ته سندس ٽور به مٽجي وئي ۽ هو ماڻهن جي انبوهه ۾ رهڻ لڳو. ان دوران هن سکر ۾ ننڍا وڏا جلسا به ڪيا. هن لاءِ تڏهن به سکر اندرون سنڌ ۽ ترقي کان وانجهيل علائقو هو. جڏهن هو 16 اپريل 2021ع تي وزير اعظم طور سکر پهتو ته هن جي تقرير ۾ سنڌ جي ٻهراڙي کي ملڪ جي “ڏتڙيل ۽ غريب ترين” علائقي طور قرار ڏنل هئي. سنڌ سان ويڌنن جو به ذڪر ڪيائين ته اها به معيار ڏنائين ته سنڌ ۾ ٻيٽن تي شهر اڏڻ نه ٿا ڏنا وڃن، سنڌ حڪومت اجازت به ڏني پر وري ڦري به وئي. ان دوران سندس تقرير ۾ اها ڪوشش ضرور نظر آئي ته هو جيڪي اڳ سنڌ جي حوالي سان بيان ڏيندو رهيو آهي انهن جو اثر ختم ڪري. مثال هن چيو، “هر صوبو اسان جو آهي. سڀ ماڻهو اسان جا آهن ڀلي حڪومت ڪنهن جي به هجي.”، “سنڌ ملڪ جو اهم صوبو آهي.”، “اسان پنهنجي صوبي ۾ ترقي ڪرائڻ ٿا چاهيون ۽ هتان جي نوجوان کي اڳتي آڻڻ ٿا چاهيون.” وغيرهه وغيرهه. سندس اها به ڪوشش رهي ته ڪراچي ۽ سنڌ وارو ڪو ورجاءُ نه ٿي وڃي ان ڪري هن ان لاءِ اهو پئي چيو ته سندس سنڌ اچڻ ٿيندو آهي، ڪراچي ته وڃڻ ٿئي ٿو پر انٽيريئر سنڌ گهٽ موقعو ملي ٿو. ان کي هن پنهنجي بدقسمتي به سڏيو. هو “اندرون سنڌ” تي زور ڏيندو رهيو. هن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترقي نه ٿيڻ کي موهن جي دڙي سان به ڀيٽيو ته پنج هزار سال اڳ هت شهر هو پر هاڻ ٻهراڙين جي صورتحال خراب آهي. ملڪ جي وزير اعظم طور اهي سڀ ڳالهيون ڪري ويو پر وفاق پاران سنڌ کي اڳ ڇا مليو آهي ۽ هتان جي ماڻهن جي حقيقي شڪايتن جي ويجهو ئي نه آيو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ اقتداري ڪلب پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي عوام جي اهنجن گهٽائڻ واري ترقي کي سدائين نظر انداز ڪيو آهي. مٿان وري وفاقي حڪومت جون اهڙيون پاليسيون اچن ٿيون جو سنڌ جي عوام جون دانهون نڪري وڃن ٿيون. انهن دانهن جو وري فائدو هتان جو اقتداري ڪلب حاصل ڪري وڃي ٿو ۽ سنڌ واسي اُهڙا جا اُهڙا ئي رهجي وڃن ٿا.
هاڻ اچون ٿا پاڻ وفاقي حڪومت جي سنڌ جي پيڪيج ڏانهن جنهن ۾ ڪراچي شهر وارو پيڪيج شامل ناهي. هن پيڪيج کي 446 ارب جو ميگا پيڪيج چيو ويو آهي. ان ۾ مک رقم سيپيڪ واري رٿا جي آهي جنهن ۾ سکر کان حيدرآباد تائين 306 ڪلوميٽر موٽروي ٺهڻو آهي. اهو منصوبو لڳ ڀڳ ٻه سو ارب رپين جو ٿيندو. اڳ ئي هلندڙ نئين گاج واري رٿا به 45 ارب رپين جي لڳ ڀڳ جي آهي. ريلوي جي اپگريڊيشن به ان پيڪيج ۾ شامل رکي وئي آهي جيڪو مڪمل طور وفاق يا ملڪ جي سمورن ماڻهن جي لاءِ آهي. اها رٿا هونئن ئي لازمي ٺهڻي آهي. ايم ايل ون تي به اربين رپيا خرچ ٿيندا. ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ موٽروي ٺهيو آهي جنهن سان برابر سنڌ جي ماڻهن جو فائدو به آهي پر ريلوي ۽ موٽر وي جو اهو ثمر سموري ملڪ جي ماڻهن جو گڏيل طور آهي. اهو ٿورو سو اسد عمر جي تقرير ۾ به هو ته ملڪ جي وزير اعظم جي پيڪيج ۾ به هو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گيس ڏيندڙ صوبي جي 160 ڳوٺن کي گيس فراهم ٿيندي سا به 5074 گهراڻن لاءِ. حقيقت اها آهي ته وفاق کي سنڌ جي معدني وسيلن جي آمدني مان سڌو سنئون انهن علائقن جي ترقي ۽ نوڪريون ڏيڻ جو پيڪيج اعلان ڪري ها. هونئن به هيل تائين ملندڙ رائلٽي جي به خبر ناهي ته سنڌ جي حڪومت اها ڪيئن خرچ ڪندي آهي. ماڻهو مٿي توڙي هيٺ ٻنهي پاسن کان عذاب ۾. وزير اعظم جي پيڪيج مان جيڪڏهن صحيح نموني ڪٿ ڪجي ته سڌي طرح سان سنڌ جي جن چوڏهن ضلعن لاءِ ذڪر ڪيو ويو آهي هن پيڪيج مان راندين جي ميدان، آبپاشي وارا ڪم، نوجوانن لاءِ ڪاروباري قرض يا ڪجهه تعليمي پراجيڪٽ ئي ڪارائتا آهن. حقيقت ۾ سنڌ کي ضرورت تعليم، صحت ۽ صنعت وارن شعبن ۾ پراجيڪٽ ڏيڻ جي آهي. مجموعي طور تي ته پيڪيج ۾ اڳ هلندڙ ڪم اڪثريتي تعداد ۾ شامل آهن. سنڌ لاءِ هي اعلان به “سهانو خواب” ئي آهن ۽ پنهنجي صوبي سنڌ جي حڪومتي ڪارڪردگي وانگر.
ملڪ جي وزيراعظم جي آخر ۾ ميار واري ڳالهه به هئي جنهن ۾ هن سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري ڳالهه ڪئي ۽ شايد اهو پهريون ڀيرو چيو ته ان جا سڀ پيسا سنڌ کي ئي ملن ها وفاق کي رڳو پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌاري جو فائدو ٿئي ٿو. هن ان کي سنڌ جو نقصان قرار ڏنو. سنڌ حڪومت جي اجازت ڏيڻ ۽ وري واپس وٺڻ تي سندس ردعمل هو ته کيس اها ڳالهه اڃان تائين سمجهه ۾ نه ٿي اچي. هي اهڙا سنجيدا معاملا آهن جن کي انهن جي عوامي ۽ مقامي حوالي سان گڏ انهن جي ثقافتي لاڳاپن سان به ڏٺو ويندو آهي.