وزيراعظم پنهنجي اعلان تي ته عمل ڪري!

0
140
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هڪ طرف ملڪ ۾ سياسي گرمي متل آهي ته ٻئي طرف وري عوام مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي جنهن جو نه اپوزيشن کي فڪر آهي نه ئي وري حڪومت انهي پاسي ڌيان ڏئي رهي آهي. ٻئي ڌريون هڪٻئي تي سياسي الزام هڻڻ کانپوءِ هاڻي اچي ڌمڪين ۽ ذاتي  الزام تراشي تي پهتيون آهن.جنهن سان نه عوام جي ڪا  دلچسپي آهي نه ئي اهو ڪو انهن جو معاملو آهي. عوام کي رڳو اهو فڪر آهي ته ملڪي معاملا ٺيڪ هلن،معيشت بهتر ٿئي ته انهي جي هن مهانگائي مان جان ڇٽي سگهي. پر لڳي نه ٿو ته ڪو هنن ملڪي توڙي عالمي حالتن ۾ اها مهانگائي  عوام جي جلد جان ڇڏيندي. اها به انهي صورت ۾ جڏهن ملڪ جي سياسي صورتحال بابت ڪا پڪ نه هجي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي. وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿي چڪي آهي حڪومت توڙي مخالف ڌر پاڻ وٽ اڪثريت هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيون آهن. انهن ٻنهي جي دعويٰ جي خبر ته عدم اعتماد تي ووٽنگ واري ڏينهن پئجي ويندي پر جيڪو اعلان وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ عوام کي خطاب ۾ ڪيو هو ان اعلان جي ابتڙ بجلي وري ذري گهٽ 6 رپيا في يونٽ وڌائي وئي آهي جيڪا ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته وزيراعظم پنهنجي ئي  اعلان تي عمل نه ٿو ڪرائي سگهي ته باقي مهانگائي ڪيئن گهٽ ٿي سگهندي.

وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ تيل جي قيمتن ۾ وڌندڙ اگهن ۽ مهانگائي کي ڏسندي عوام کي خطاب ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر ۽ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 5 رپيا گهٽائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽  چيو هو ته مهانگائي کي ڏسندي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اهو اعلان ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ بجيت تايئن بجلي ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ ڪا واڌ نه ڪئي وڌي. جڏهن وزيراعظم اهو اعلان ڪيو هو ان ڏينهن ئي وزيراعظم جي خطاب کان اڳ ۾ بجلي جي اگهه ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 6 رپيا وڌايا ويا هئا پر خير اهو ته وزيراعظم جي خطاب کان اڳ اعلان ڪيو ويو هو پر جڏهن وزيراعظم اهو اعلان ڪيو ته هاڻي بجيٽ تائين نه بجلي جي اگهه ۽ نه ئي وري پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ ڪئي ويندي ان تي ئي عمل نه ٿي سگهيو آهي.  اڃان ان اعلان کي 10 ڏينهن ئي نه ٿيا آهن ته ڪالهه نيپرا بجلي جي اگهه ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ 6 رپين تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.جيڪو بار عوام جي کيسي تي پوڻو آهي،ڇاڪاڻ ته بجلي جا اگهه اڳ ۾ ئي ايترا آهن جو ڪو عام مزدور ،ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ،گاڏو، ڪئبن هلائڻ وارو ۽ محدود ڪمائي وارو ماڻهو  اڳ ئي ٻين شين جي پورت ڪرڻ کان قاصر آهي. ڇاڪاڻ ته رڳو بجلي جا اگهه وڌيل ناهن، عام استعمال جي شين کان وٺي  کائڻ پيئڻ جي شين تائين جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن ۽ انهي سڄي صورتحال ۾ وري ملڪ جي سياسي ماحول ۾ انارڪي واري صورتحال يا عدم استحڪام ٿيڻ سبب ڪا خبر نه ٿي پوي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي جنهن ڪري به مارڪيٽ ۾ سڀني شين جي اگهن ۾ استحڪام ناهي ۽ اهو بار به عوام جي کيسي تي ئي پئجي رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته سياسي ڌرين لاءِ سياسي معاملا ڀلي اهم هجن پر سڀ کان اهم معاملو عوام جي زندگي کي بهتر ۽ سولو بڻائڻ آهي پر جيڪڏهن عوام جا مسئلا ئي سياسي ڌرين جي ايجنڊا تي نه هوندا ته عوام انهن جي سياسي  نعرن سان گهڻو وقت نه هلي سگهندو تنهن ڪري ضروري آهي ته  حڪومت پنهنجي اعلان تي  عمل ڪري ۽ ٻيون سياسي ڌريون  هن مهانگائي مان عوام جي جان ڇڏائڻ لاءِ ڪوشسون ڪن  ته جيئن ڪنهن خاندان جو ڪو ڀاتي مجبوري ۽ مهانگائي سبب پيٽ بکيو نه رهي.