وزيراعظم عمران خان سڀاڻي چين جي دوري تي روانو ٿيندو

0
128
وزيراعظم عمران خان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان 3 کان 6 فيبروري تائين چين جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، ان سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن سميت اعليٰ سطحي وفد به گڏ هوندو

ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پنهنجي دوري دوران صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران سي پيڪ سميت واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، جڏهن ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مخلتف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي

ترجمان چيو ته وزيراعظم جو دورو پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيندو ۽ وزيراعظم جي دوري دوران ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون

ان کان علاوه وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ معروف ٿنڪ ٽينڪن کي خطاب ڪرڻ کان علاوه چين ۾ تعليمي ادارن جي نمائندن ۽ ميڊيا سان به ملاقاتون ڪندو

ھي به پڙھندا

وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري ملتوي ڪري ڇڏي