ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي مهانگائي جو ذميوار قرار ڏيندي استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم صاحب! مهانگائي آسمان تي پهچي وئي آهي ته هاڻي ٿورو گهٻرائي وٺون؟، دوائن جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو غريب ماڻهو کان زندگي کسڻ برابر آهي، ميڊيڪل اسٽور تان پئسا نه هجڻ سبب دوائون وٺڻ بنا واپس ويندڙ ماڻهن جو آواز بڻجڻ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي، وزيراعظم هائوس جي ٿڌي ڪمري ۾ ويٺل عمران خان کي انهن والدين جو ڪو احساس ناهي، جيڪي ٻارن جي اسڪول جي في ادا نٿا ڪري سگهن، عمران خان جي وزيراعظم هوندي هڪڙي به عيد اهڙي ناهي گذري جو ملڪ جو ڪو غريب ماڻهو عيد تي نوان ڪپڙا سبرائي سگهي، هن عوام کي ڪرپشن ختم ڪرڻ جو دلاسو ڏئي هاڻي کنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ به ڊگهي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن تبديلي لاءِ 3سال ٿورا آهن ته پوءِ 8 سالن ۾ خيبرپختونخوا جي اسپتالن ۾ مهانگي علاج کانسواءِ ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟ هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته غربت لنگر خانا کولڻ سان نه پر ڪجهه ڪري ڏيکارڻ سان ئي ختم ٿي سگهي ٿي ، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ٽيڪس جو ٻوجهه مڙهيندڙ سليڪٽيڊ وزيراعظم جي ڏوهن کي عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندو، جڏهن حڪمران پاڻ چور هوندا آهن ته مافيا بي لغام ٿي هر شيءَ مهانگي ڪندي آهي، هن چيو ته عمران خان جي تبديلي اها آهي جو پنهنجي دوستن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏئي عام ماڻهو کي مهانگائي جي پنجوڙ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.