وزيراعظم شهباز اسحاق ڊار کي پاڪستان جو نائب وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

0
35
وزيراعظم شهباز اسحاق ڊار کي پاڪستان جو نائب وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري
وزيراعظم شهباز اسحاق ڊار کي پاڪستان جو نائب وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي پاڪستان جو نائب وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو. ڪابينا ڊويزن طرفان آچر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسحاق ڊار کي وزيراعظم جي هدايت تي نائب وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي

هي نوٽيفڪيشن فوري لاڳو تصور ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي دوري تي سعودي عرب ويل آهي. شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي ۽ اسحاق ڊار به ساڻس گڏ آهي. وزيراعظم پاڪستان جي هدايت تي نوٽيفڪيشن ذريعي نائب وزيراعظم جي مقرري جو هي چوٿون معاملو آهي

ان کان اڳ جون 2012ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي هدايتن تي ڪابينا ڊويزن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو جنهن ۾ چوڌري پرويز الاهي کي نائب وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو. چوڌري پرويز الاهي ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت ۾ دفاعي پيداوار ۽ صنعت جو وفاقي وزير هو. قانوني ماهرن موجب نائب وزيراعظم وٽ ڪو به اختيار ناهي پر علامتي طور تي اهو وڏو عهدو آهي. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم مقرر ڪيو آهي

اسحاق ڊار پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (PDM) جي دور ۾ ناڻي وارو وزير هو. هاڻ اتحادي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير مقرر ٿيل آهي.اسحاق ڊار پاڪستان جو چوٿون نائب وزيراعظم آهي، ان کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ پرويز الاهي به وزيراعظم رهي چڪا آهن

جڏهن ته ن ليگ ۾ اختلافن جون خبرون به سامهون آيون هيون ۽ پارٽي ۾ اهو تاثر هو ته اسحاق ڊار کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، نائب وزيراعظم بڻائي انهن کي جواب ڏنو ويو، ڊار کي وڏو عهدو ڏئي ڪجهه اڳواڻن کي خوش ڪيو ويو. هوڏانهن  ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم بڻائڻ اسٽبلشمينٽ لاءِ ڪو به پيغام ناهي، اسان جي اسٽبلشمينٽ سان ڪا ڊوڙ لڳل ناهي، ڪابينا ۽ بيانيي جي هر فيصلي جي منظوري نواز شريف ڏيندو آهي.