وزيراعظم جي ڪراچي آمد: ڇا سنڌ کي هن دوستي جو حقيقي ڦل ملندو؟

0
433
وزيراعظم جي ڪراچي آمد: ڇا سنڌ کي هن دوستي جو حقيقي ڦل ملندو؟

   پنجن سالن بعد آخرڪار سنڌ جي وزيراعليٰ هائوس پاڪستان جي وزيراعظم  جو منهن ڏٺو. وفاق ۽ صوبي ۾ ڌار ڌار پارٽين جي حڪومتن هئڻ سبب سنڌ جا وفاقي گادي واري شهر سان تعلقات ڪي بهتر ناهن رهيا. نه رڳو عمران خان پر ماضيءَ م جڏهن نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو ۽ سنڌ ۾جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي تڏهن به سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ تعلقات بهتر نه هئا پر عمران خان جو سڄو دور سنڌ ۽ وفاق بلڪل ٻن ڌار ڌار رستن تي رهيا. حد اها هئي جو صوبي جي مسئلن تي به جيڪڏهن اڳوڻو وزيراعظم عمران خان سنڌ اچي ڪو اجلاس ڪندو هو ته وڏي وزير سميت ڪابينا جي ڪنهن به وزير کي ان اجلاس ۾ نه سڏائيندو هو. ان حد تائين ته وزيراعظم جي سنڌ آمد دوران پروٽوڪول تحت ئي سنڌ جي وڏي وزير کي ٽيليفون ڪال ڪري اطلاع ئي نه ڏنو ويندو هو. پر عمران خان هن سڄي دور دوران هڪ ڀيرو به وزيراعليٰ هائوس نه آيو ۽ نه ئي صوبي جي مسئلن کي ٻڌڻ جي زحمت ڪئي. ان کان اڳ پنج سال پهرين نواز شريف وزيراعليٰ هائوس آيو هو ۽ پنجن سالن کان بعد شهباز شريف سنڌ جي وزيراعليٰ هائوس جو دروازو ٽپيو. هي پهريون موقعو هو جو سنڌ جي وڏي وزير پاڻي،ناڻي کان وٺي ترقياتي منصوبن کان ويندي ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ تائين جيڪي به مسئلا رکيا وزيراعظم شهباز شريف اهي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پهريون ڀيرو ملڪ جي وزيراعظم سنڌ جي راڄڌاني ۾ مڃيو ته ماضيءَ ۾ سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿيو پر هاڻي ايئن نه ٿيندو. مراد علي شاهه جيڪي مسئلن جا انبار  وزيراعظم اڳيان رکيا اهي ڪيترا حل ٿا ٿين اهو سوال اڃا وقت کان اڳ جو آهي پر گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته وفاق سنڌ جا مسئلا دل سان ۽ ڌيان سان ضرور ٻڌا.

شهباز شريف ڏانهن هڪ اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن قائد عوام چونڊجڻ دوران ئي ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته پاڪستان صرف پنجاب ناهي پنجاب جي ترقي پاڪستان جي ترقي نه ٿي چئي سگهجي پر جڏهن سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ترقي ڪندا تڏهن ئي پاڪستان ترقي ڪندو ۽ گذريل ڏينهن پڻ وزيراعليٰ هائوس ۾ هن چيو ته آئون سڀ کان پهريان سنڌ جي دوري تي آيو آهيان ۽ سنڌ جا مسئلا ٻڌڻ آيو آهيان مسئلا گهڻا آهن ڪوشش ڪبي ته مسئلا حل ٿين. آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان بنيادي طور مسئلن جي انبار ۾ دٻيل ملڪ آهي ان ڪري شهباز شريف سال اندر مسئلا حل ڪري  اهو ممڪن ڪونهي. پر اهو ضرور ٿيندو ڪجهه نه ڪجهه شڪايتون دور ٿينديون. سنڌ جا ڪجهه ترقياتي منصوبا ڪامورن جون بدليون مقرريون ۽ ڪجهه ادارن جي اندر صوبي کي نمائندگي ضرور ملندي.

پاڪستان اندر عمران خان جي سرڪار جي خاتمي بعد جيڪا اتحادي حڪومت جڙي آهي ان ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ ايم ڪيو ايم به ڀاڱي ڀائيوار آهي. توڙي جو  وزيراعظم گذريل ڏينهن جيڪي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ان ۾ اڪثريت ڪراچي شهر سان تعلق رکندڙ مسئلا آهن جنهن ۾ ماس ٽرانزسٽ کان وٺي ڪي آر سي، ڪراچي لاءِ بسون خريد ڪرڻ، صنعتي علائقن ۾ روڊ رستا ٺاهڻ، ڪراچي کي پاڻي جي کوٽ مان ڪڍڻ لاءِ ڪي فور منصوبي جو ذڪر ٿيوپر وفاقي سرڪار جي اتحادي جماعت ايم  ڪيو ايم پنهنجي دفتر بهادر آباد ۾ سڄو ڏينهن اهو چوندي رهي ته  ايم ڪيو ايم سان جيڪو معاهدو ٿيو آهي ان تي فوري طور تي عمل ٿيڻ گهرجي. اسين ڪراچي جي ترقي جا مخالف نه آهيون پر ايم ڪيو ايم جي نواز ليگ سان ۽ پ پ سان ٿيل ڌار ڌار معاهدن ۾ ڪجهه اهڙا نقطا ضرور آهن جن کي سنڌ جي ماڻهن کي سخت اعتراض آهي. ان مان هڪ نقطو پاڪستان اندر وڌيڪ انتظامي يونٽن ٺاهڻ وارو آهي ۽ ٻيو سنڌ اندر آفيسرن جي ڊوميسائيل بيس مقرري وارو مسئلو آهي.

آئون سمجهان  ٿو ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کان اهو مڃرائي ٿي وڃي ته ڪراچي ۾ جيڪي ٻين ضلعن جا آفيسر يا ملازم انهن کي پنهنجي ضلعن ڏانهن موڪليو وڃي ته ان سان لکين سنڌي ڪراچي کان واپس پنهنجي ڳوٺن ڏانهن ويندا ۽ پنهنجي تخت گاهه واري شهر ۾ نوڪريءَ جي حق کان محروم ٿي ويندا. وزيراعظم جي گذريل ڏينهن ڪراچي جي دوري دوران ايم ڪيو ايم بار بار معاهدي جي ڳالهه ڪندي رهي اهڙي ماحول ۾ جتي وزيراعظم جو سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ وارو موقف هڪڙو ڏڍ ڏيندڙ هو ته اتي سنڌ جي ماڻهن جا خدشا وڌائيندڙ به  هو. وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري هڪ ٻئي سان تعلقات بهتر ڪري اها سٺي ڳالهه آهي پر سياسي مصلحت پسندي جو مظاهرو ڪندي ڪي اهڙا ناجائز مسئلا يا مطالبا نه مڃيا وڃن جن سان سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ٿئي.

وزيراعظم جي اها ڳالهه ڪنهن حد تائين ڪراچي جي حلقن ۾ ساراهي وئي ته هن سڀ کان وڌيڪ اهميت سنڌ کي ڏني ۽ سنڌ جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. وڏي وزير پاڻي ۽ ناڻي جا جيڪي مسئلا رکيا ان مان جيڪو سڀ کان اهم  مسئلو آهي اهو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو آهي. ارسا پنجاب وفاقي سرڪار جي دٻاءَ ۾ اچي 91 واري ٺاهه تي عمل نه ڪري رهي آهي جنهن ڪري هن وقت به سنڌ جي ڏاکڻي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي وڏي وزير مٿان ذميواري ٿي عائد ٿئي ته وفاقي سرڪار سان بهتر تعلقن جو فائدو وٺي پهرين مرحلي ۾ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي وٺي ڏئي. گڏوگڏ وڏي وزير جيڪو گئس جو مسئلو وزيراعظم اڳيان رکيو اهو به سنڌ جي هن وقت بنيادي مسئلن مان هڪ آهي. سنڌ گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي ان ڪري سنڌ کي آئيني طور گئس جي مالڪيءَ جا  اختيار ملڻ گهرجن. هن وقت توڙي جو سنڌ ۽ وفاق ۾ اتحادي حڪومت آهي جيڪڏهن هنن ڏينهن ۾ اهي مسئلا حل نه ٿيا ته پوءِ ڪنهن ٻئي دور ۾ اهي مسئلا حل ڪرڻ مشڪل هوندو. هي جيڪو صوبي ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ دوستي جو  رشتو آهي ان  جو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي فائدو ملڻ گهرجي. ملاقاتون ۽ اجلاس رڳو فوٽو سيشن نه هئڻ کپن پر حقيقي معنيٰ ۾ صوبي لاءِ فائديمند ٿيڻ گهرجن.