وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
188

وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، استعيفيٰ جي منظوري جو عمل 31 آڪٽوبر کان ٿيندو

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نگران وزيراعظم هڪ مهيني واري نوٽيس جو مدو به ختم ڪري ڇڏيو

ڊاڪٽر  توقير شاهه پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس  جي گريڊ 22 جو آفيسر آهي، ڊسمبر 2022ع  ۾ رٽائرمنٽ تي پهچڻ بعد کيس ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي سروس ۾ هڪ سال جي واڌ ملي هئي