وزير اعظم شهباز شريف جي پٽ کي وڏو رليف ملي ويو

0
267
وزيراعظم جو پٽ سليمان شهاز ۽ ٻيا مني لانڊرنگ ڪيس مان آزاد
وزيراعظم جو پٽ سليمان شهاز ۽ ٻيا مني لانڊرنگ ڪيس مان آزاد

وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز کي مني لانڊرنگ ڪيس مان آجو قرار ڏنو ويو آهي

لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سليمان شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي بريت وارين درخواستن جي ٻڌڻي هلائي، جڏهن ته سليمان شهباز عدالت آڏو پيش ٿيو

ايف آءِ اي ڪيس بابت 27 سوالن جا جواب عدالت ۾ جمع ڪرايا، جج بخت فخر بهزاد سوال ڪيو ته مني لانڊرنگ جي انڪوائري ڪنهن ڪئي هئي؟

 ايف آءِ اي پاران جواب ۾ چيو ويو ته انڪوائري جي سربراهي ڊاڪٽر رضوان ڪئي هئي

 جج سوال ڪيو ته ايف آءِ اي سموري جاچ دوران ڪنهن هڪ گواهه جو بيان لکيو آهي؟ ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر سوال تي خاموش ٿي ويو

عدالت سوال ڪيو ته جيڪي ماڻهو انڪوائري ۽ انويسٽيگيشن دوران موقف تبديل ڪندا رهيا انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟

جاچ آفيسر چيو ته اسان ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جج چيو ته ايف آءِ اي جي واليوم 7 ۾ ڪو ثبوت آهي؟ مون کي سڌو سڌو ٻڌايو، ڪهاڻيون نه ٻڌايو، مون سڀ پڙهي ورتو آهي، مان سڀني ايف آءِ اي وارن کي جيل اماڻي ڇڏيندس، اها ڳالهه ياد رکو، مون کي جواب کپي ته چالان سان گڏ ڏوهه جو ڪهڙو ثبوت هو؟

سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته هي ڪيس نه ٿو ٺهي، پوءِ به ڪيس ٺاهيو ويو

 عدالت سليمان شهباز سميت سمورن جوابدارن کي مني لانڊرنگ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

سوشل ميڊيا تي آرمي چيف خلاف مهم: وزيراعظم جي مذمت