اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه، تاجڪستان، ازبڪستان جي صدرن، ايران جي وقتي صدر کي ٽيليفون ڪري عيد جون مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سياحت جي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خطي سميت عالمي امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي چئني ملڪن عيد جي موقعي تي اسرائيلي ظلم جو شڪار فلسطينين جي حالت تي ڳڻتي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي ظلمن جي سخت مذ مت ڪندي چيو ويو ته عالمي برادري فلسطينين تان ظلم جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪري، وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان عيد جي خوشين ڀرئي موقعي تي پاڪستاني قوم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته فلسطيني عوام مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اسان کي اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ لاءِ ٻيڻيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون.  جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پاران ترڪ صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني وئي.