ورڪشاپ: اٺ جي ٽنگ وڍڻ جو اڻڄاتلن تي ڪيس داخل، 5 گرفتار، وڏيري کي بچائڻ جا الزام

0
26
ورڪشاپ: اٺ جي ٽنگ وڍڻ جو اڻڄاتلن تي ڪيس داخل، 5 گرفتار، وڏيري کي بچائڻ جا الزام
ورڪشاپ: اٺ جي ٽنگ وڍڻ جو اڻڄاتلن تي ڪيس داخل، 5 گرفتار، وڏيري کي بچائڻ جا الزام

سانگهڙ/ورڪشاپ (نمائندن وٽان) منگلي ٿاڻي جي حد منڍ جمڙائو ۾ اُٺ جي ڄنگهه ڪپڻ واري واقعي جو سرڪار جي فرياد  تي ڪيس داخل ڪري پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ جعفر علي جٽ، عابد علي شر، عبدالشڪور شر، رستم خان شر ۽ گل بيگ لاشاري شامل آهن

ڊي سي سانگهڙ عمران الحسن خواجا ۽ ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي ڊي سي سانگهڙ عمران الحسن خواجا واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيم اٺ کي فرسٽ ايڊ فراهم ڪئي ۽ اينيمل رائٽس ٽرسٽ جي مدد سان متاثر جانور کي  هڪ مصنوعي ڄنگهه لڳائي ويندي

ايس ايس پي سانگهڙ چيو ته منگلي ٿاڻي جي حد ۾ ڪرار شر جي زمين ۾ اٺ جي ڄنگهه ڪپڻ واري واقعي بعد ايس ايڇ او منگلي امير علي شاهاڻي کي قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو

اٺ جي مالڪ سومر بهڻ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو، هن چيو ته هو جوابدار کي نه ٿو سڃاڻي ۽ في الحال ڪيس داخل ڪرڻ نٿو ڪرائڻ چاهي، جنهن بعد سرڪار جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس نمبر 51.2024  قلم 429 ۽ 34 پي پي سي تحت داخل ڪري ۽ جاچ شروع ڪئي وئي

ايس ايس پي سانگهڙ ٻڌايو ته جاچ  دوران پنجن ئي جوابدار جعفر علي جٽ (جنهن وٽ ڪرار شر جي زمين مقاطعي تي آھي) ۽ سندس هاري عابد علي شر، عبدالشڪور عرف دنگانو شر، رستم خان شر ۽ گل بيگ لاشاري کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار عابد علي شر ۽ عبدالشڪور شر ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جوابدارن وٽان ڏوھه ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي به هٿ ڪئي وئي آهي

حيدرآباد ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو: جنوني شخص گڏهه جي ٽنگ ڀڃي ڇڏي

لاڙڪاڻي ۾ فصل ۽ گڏهه ساڙيندڙ جوابدارن جي ضمانت رد

اٺ کي هڪ مصنوعي ٽنگ لڳائي ويندي: لائيو اسٽاڪ ٽيم

اٺ جي ٽنگ وڏيري غلام رسول شر جي ماڻهن وڍي: صدورو بهڻ

سنڌ جي گورنر جو زخمي اٺ جي مالڪ کي 2 اٺ ڏيڻ جو اعلان

اٺ کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو وڏي وزير سخت نوٽيس ورتو آهي : شرجيل ميمڻ

ورڪشاپ: ورڪشاپ ۾ اٺ کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاهه سخت نوٽيس ورتو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ اظهار، شرجيل ميمڻ چيو ته شڪايت ڪندڙ ۽ جوابدار ڌر وچ ۾ معاملي جو نبيرو به ٿي ويو هو، نبيري باوجود انسانيت ناطي اهو عمل قبول نه ڪيو ويو ۽ رياست جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي.