ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آفيسرن کي او پي ايس ۽ واڌو چارجون ڏئي مقرر ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي فنانس ڊائريڪٽر جي مقرري لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي معطل ڪندي سنڌ ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر( ايڊمن) ۽ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ڊائريڪٽر فنانس کي 24 اپريل تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت او پي ايس ۽ واڌو چارجز رکندڙ آفيسرن کي هٽائڻ وارو حڪم به برقرار رکي ڇڏيو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي او پي ايس تي مقرر ڊائريڪٽر فنانس کي هٽائڻ واري رپورٽ 23 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته 2 اپريل تي خالدکوکر کي ٻيهر اوپي ايس تي ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت جو اهڙو عمل توهين عدالت جي ذمري ۾ اچي ٿو. بورڊ جي سيڪريٽري خالد کوکر کي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس طور بدلي ڪري کيس ڊائريڪٽر جي لوڪ آفٽر واري چارج سونپي هئي