ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)ورهاڱي بعد ميرپورخاص کان انڊيا لڏي ويندڙ سک ڪٽنب جي ڀاتين جي ميرپورخاص آمد، ٿڌين آهُن سان پنهنجا اباڻا پڊ گهمي ڏٺائون، ورهاڱي کان اڳ ميرپورخاص سميت سنڌ اندر سمورن مذهبن جا ماڻهو ڀائيچاري واري زندگي گهاريندا هئا، خبر ناهي ڇا ٿيو جو وڳوڙ ٿيا ۽ اسان کي سنڌ ڇڏڻي پئي، انڊيا ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندي اسان کي ”سنڌي سک“ سڏيو ويندو آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد سيپٽمبر 1947ع ۾ ميرپورخاص ڇڏي انڊيا ۽ بعد ۾ ڪئنيڊيا لڏي ويل سک ڪٽنب جا ٻه ڀاتي رپودمن سنگهه ۽ سندس ننڍو ڀاءُ هربير سنگهه ميرپورخاص پهتا، جتي سندن وڏڙن جي ڄاڻ سڃاڻ وارن مقامي ماڻهن سندن استقبال ڪيو. ان موقعي تي هنن ميرپورخاص شهر اندر شاهي بازار اندر ٺهيل قديم گردواري، ريلوي اسٽيشن ۽ ٻين هنڌن کي گهمي ڏٺو ۽ بعد ۾ هو تعلقي حسين بخش مري جي ديهه 70 ۾ موجود سندن اصل ڳوٺ بيانت سنگهه ويا، جتي هنن پنهنجا پراڻا پڊ گهمي ڏٺا ۽ مقامي ماڻهن سان پنهنجون يادگيريون ونڊيون. دوري دوران سک ياتري ميرپورخاص پريس ڪلب پڻ پهتا، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته 1902ع ۾ جڏهن برٽش حڪومت دوران جمڙائو ڪئنال کوٽي  نارا ڪئنال ۾ سڌارا آندا پئي ويا ته سندن ڏاڏو هتي لڏي آيو ۽ هو 1974ع تائين هتي ئي رهيا. رپوسنگهه ٻڌايو ته 1944ع ۾ هو ڄائو هو ۽ ورهاڱي بعد سيپٽمبر 1947ع ۾ مذهبي وڳوڙ ٿيا، جنهن بعد کين انڊيا لڏي وڃڻو پيو، جتان بعد ۾  هو ڪئنيڊا هليا ويا ۽ هن وقت هو ڪئنيڊين شهري آهن. هنن چيو ته کين سندن امڙ ۽ والد ٻڌايو هو ته ميرپورخاص سميت سنڌ جي ٻين علائقن اندر سک، هندو، مسلمان ۽ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڀائيچاري واري زندگي گهاريندا هئا، منجهن ڪنهن به قسم جو وڳوڙ نه هو. هنن چيو ته ورهاڱي کان پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو جو اوچتو وڳوڙ ٿيا، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي گهرن مان کاڌي پيتي جيترو سامان کڻي، باقي ڀريل گهر ڇڏي روانا ٿي ويا. رپو سنگهه چيو ته لڏ پلاڻ دوران هو ميرپورخاص جي ريلوي اسٽيشن کان جوڌپور هليا ويا، جتان ڪيترائي ماڻهو وري سنڌ اچي رهيا هئا. هن چيو ته اهو انتهائي ڏکوئيندڙ لمحو هو، جنهن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳڙي پون ٿا. هنن چيو ته هو انڊيا ۾ هجن يا ڪئنيڊا ۾، پر کين پنجابي بدران ”سنڌي سک“ چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان اصل سنڌ جا ئي آهيون. هنن چيو ته سنڌ ۾ اچڻ بعد کين مقامي ماڻهن جيترو پيار ۽ عزت ڏني آهي، هو ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن، سنڌ بابت جيڪو وڏڙن کان ٻڌو هو، واقعي سنڌ جا ماڻهو اوترائي مهمانواز ۽ پيار ڏيندڙ ماڻهو آهن.