لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگيءَ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽرز جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي. قومي ڪرڪيٽرز جي سنٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ڪاڪردگي نه ڏيکاريندڙ رانديگرن جي ڪيٽيگريز ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي. ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽرز کي سنٽرل ڪانٽريڪٽ تان هٿ ڌوئڻا پئجي سگهن ٿا. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪارڪردگيءَ بعد بورڊ سربراهه طرفان معاملي جو جائزو ورتو ويو آهي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي گذريل سال جولاءِ کان ٽن سالن جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو ھو. ان دوران قومي ٽيم ايشيا ڪپ، آءِ سي ورلڊ ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ناڪام ٿ، ان کانسوا پاڪستان ٽيم آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ سيريز ھارائي وئي هئي.