ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم کي ڪيتري رقم ملندي؟ آءِ سي سي اعلان ڪري ڇڏيو

0
491
ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم کي ڪيتري رقم ملندي؟ آءِ سي سي اعلان ڪري ڇڏيو
ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم کي ڪيتري رقم ملندي؟ آءِ سي سي اعلان ڪري ڇڏيو

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 کٽيندڙ ٽيم لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت 10 ٽيمون شريڪ ٿينديون، 10 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي

ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ 5 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 6 آڪٽوبر تي نيڌر لينڊ خلاف کيڏندي، پاڪ-ڀارت دنگل 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ٿيندو، ورلڊ ڪپ دوران مجموعي طور 48 ميچز کيڏيون وينديون ۽ فائنل 19 نومبر 2023 تي ٿيندو

آءِ سي سي طرفان ورلڊ ڪپ جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور 10 ملين آمريڪي ڊالرز انعامي رقم طور رکيا ويا آهن

ون ڊي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم کي 40 لک ڊالرز ملندا، رنر اپ ٽيم جي حصي ۾ 20 لک ڊالرز ايندا

سيمي فائنل ۾ شڪست کائيندڙ ٽيمن کي 8 لک آمريڪي ڊالرز ملندا، جيڪي مجموعي طور 16 لک امريڪي ڊالرز ٿين ٿا

ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ نه پهچندڙ ٽيمن کي هڪ هڪ لک ڊالرز ملندا، جڏهن ته گروپ مرحلي جي ميچز کٽيندڙ ٽيم کي 40 هزار ڊالرز ملندا، مطلب 45 ميچز ۾ مجموعي طور هڪ لک 82 هزار ڊالرز جي رقم رکي وئي آهي

هن کي به پڙهندا

ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان: حسن جي واپسي: شاداب نائب ڪپتان مقرر