ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ: آمريڪا پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

0
47
ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ: آمريڪا پاڪستان کي هارائي ڇڏيو
ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ: آمريڪا پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

ڊيلس(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ، آمريڪا پاڪستان کي هارائي ڇڏيو، تفصيل موجب پهريون ڀيرو عالمي ڪپ ۾ شامل آمريڪا ۽ رينڪنگ جي ٽاپ فور ٽيم پاڪستان وچ ۾ ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلس ۾ کيڏيل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي جي گروپ اي جي ميچ ۾ ميزبان آمريڪا ٽاس کٽي پهرين پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني

قومي ٽيم 159 رنسون ٺاهي سگهي، ڪپتان بابر اعظم 44 ۽ شاداب خان 40 رنسون ٺاهيون جواب ۾  آمريڪا اعتماد سان شروعات ڪئي پر آخر ۾ پاڪستاني بالرن جي شاندار بالنگ سبب 3 وڪيٽون وڃائي 159 رنسون هيون ۽ فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو

سپر اوور ۾ آمريڪا جي اوپنرن 6 بالن ۾ 18 رنسون ٺاهيون، پاڪستان هڪ وڪيٽ تي 13 رنسون ٺاهي پهرين ميچ ئي هارائي ويو