وحشي هوائون

0
800

اها فيبروري جي حسين شام هئي  حيدر آباد جي هوائن ۾ گلن جي خوشبوءَ جو هڳاءُ هو موتيا جهومي رهيا هئا ۽ ڳاڙها گلاب اکين کي سرور ڏئي رهيا هئا. گنجي ٽڪر تي جڙيل حيدر آباد تي بهار جون هوائون هڳاءُ کڻي هُلي رهيون هيون . حيدر آباد جي هونئن به شام  ڪا عام شام ناهي. هن جي شام ۾ مئه نوشي به آهي ته مدهوشي به آهي هتي رهندڙ ماڻهو اڌ جاڳ ۽ اڌ ننڊ ۾ وکون کڻي پيا مُرڪي ۽ ڪُرڪي زندگي سان جهيڙيندا آهن. هي شهر حڪمرانن جو جوڙايل شهر آهي. هن شهر جي ماڻهن ۾ جتي حڪمرانن وارا ٺاٺ باٺ آهن.
فيبروري جي اها شام اسان ڪنٽونمينٽ ايريا مان پنڌ گذري ڊاڪٽر لائين جي پوئين پاسي ڀنگين جي پاڙي مان ٿيندا اهڙي در تي پهتاسين جنهن جو مالڪ مڪان مقرر وقت تي پهچندڙ مهمانن جي آجيان لاءِ گهر جي گهنٽيءَ کي ڪن ڏيئي ويٺو هو.
اسان گهر جي در جي مٿان لڳل اڇي بٽڻ کي آڱر هنئي ته گهر جي اندر  گهنٽي جو انتهائي تيز ٽڻ ٽڻ جو آواز وڳو. در کليو پيرين اگهاڙو،پراڻي پينٽ ۽ ٻانهن واري اڇي گنجي پاتل هڪ سنهڙو سيپڪڙو پوڙهو اسان جي سامهون بيٺو آهي. ان نرالي ڊريس ۾ هو انڊين فلم “او مائي گاڊ” جي مکيه ڪردار پريش راول جيان پئي لڳو .
مون اڳتي وڌي ان کي پنهنجو نالو ٻڌايو هن چيو مان حليم بروهي آهيان. منهنجي دوست مذاق  ۾ ئي چيو گهر اوهان جو آهي يا؟
جملي پوري ٿيڻ کان پهرين ئي ان چيو سڀ مهمان آهيون. فرق رڳو اهو آهي ته هتي منهنجي زال رهي ٿي ۽ اوهان پنھنجون زالون گهر ڇڏي آيا آهيو.
مون کلي دوست کي چيو ڍوءُ پيتي! هن به ٽهڪ ڏيئي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اسان ڊرائينگ روم جي ڪرسي تي ويٺا سين هتان هتان جون ڳالهيون شروع ٿيون پر همراهه پاڻيءَ جو به نه پڇيو نيٺ پوڙهو حليم اٿيو فرج جو در کولي وسڪي جي بوتل ڪڍي  اسان جي اڳيان اچي رکي. ٽيبل تي پيل گلاسن ڏانهن هن اشارو ڪندي چيو، مئه نوشي منافقت کان بچائي ٿي وارو ڪريو پيگ ٺاهيو ته پاڻ سچ ڳالهائڻ شروع ڪيون. مون ڪڏهن به زندگي ۾ ڪڙو نه چکيو آهي سو سوچيم واھه جو ڦاٿس. جي چوان ٿو ته نٿو پيان ته منافقن ۾ شمار ٿئي ٿو جي پيان ٿو ته خبر ناهي ڪيترا ماڻهو ٽنگو ٽالي ڪري گهر تائين اڇلائي ايندا.
اڃان پيگن ۾ وسڪي نه پئي هئي ته اندران ڪمري مان هلڪو زنانو بڙبڙ جو آواز آيو ۽ جلدي اهو آواز ڊرائينگ روم جي ڀتين سان ٽڪرائجي گهوگهو جيان وڄڻ لڳو. اسان ٻنهي دوستن ڪن هڻڻ شروع ڪيا مها ڀارت ٿيڻ واري هئي پر معاملو بنهه مختلف ٿيو. اڌ اڇي مٿي واري مائي جيڪا پنهنجي رنگ، قد ۽ جسامت جي بيهڪ ۾ انتهائي معتبر لڳي رهي هئي اها ڊرائنگ روم جي بلڪل وچ تي بيهي پوڙهي حليم ڏانهن اشد آڱر سڌي ڪري چئي رهي هئي “حليم تم نهين سڌروگي، تم اپني حرڪات سي باز نهين آئوگي. پتا نهين ميرا ڪيا قصور ٿا جو تم  ميري گلي پڙگئي، بيٽي کي شادي هي اور تم يهان دوستون ڪي ساٿ گپي لگا رهي هو. بڙي ليکڪ بني پهر رهي هو ڪڀي ڪوئي ذميواري اٺائي هي، ڪڀي تو حليم سنجيده بنو.”
پوڙهو حليم اهڙو خاموش جهڙي ڀت. بس چهري تي هلڪي مرڪ ۽ وسڪي جي بوتل  هٿ ۾ کڻي گهر کان ٻاهر هلڻ لڳو. اسان لاءِ اها صورتحال جهاز ٽائٽينڪ جي اوچتو برف جي ڇپ سان ٽڪرائڻ جهڙي هئي. هي ٻاهرين در جي چاڙهين تي اچي ويٺو گلاس ڊرائنگ روم ۾ ڇڏي آيو هو جن جي هن کي بنھه چنتا نه هئي هن وسڪي جي بوتل جو ٻوچ کوليو ۽ گڙ گڙ ڪري اٺ ڏهه ڍڪ يڪ ساهي ۾ پي ويو.
وسڪي جي اٺن ڍڪن کان پوءِ پوڙهي حليم پڇيو ڏيو خبر پريا مڙس ڪيئن آيا آهيو؟
اسان ڇاتي موڪري ڪري کيس وڏي فخر سان چيو سنڌ جي هزارين ماڻهن جي وچ ۾ اوهان کي ادب جو ايوارڊ ڏيڻ چاهيون ٿا. هي ايوارڊ ڪو عام ايوارڊ ناهي هي سنڌي  قوم جو ايوارڊ آهي. ان ڪري اوهان کي پنھنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي اسان جي جلسي عام ۾  اچڻ گهرجي.
هن ڪنڌ پوئتي ڪندي ٻيڪڙيل در ڏانهن اهو پڪ ڪرڻ لاءِ نهاريو ته ڪو در تي بيٺل ته ناهي هن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ اٻاڻڪي چهري سان چيو مان آخري ڀيرو پنهنجي شادي جي فنڪشن ۾ ويو هئس. اتان جيئن موٽيو آهيان ته مون قسم کڻي ڇڏيو آهي ته ٻيهر ڪنهن به عوامي ميڙ ۾ نه ويندس. اهو منهنجي زندگي جو پهريون ۽ آخري ميڙ هو پوڙهي حليم هڪ دفعو ٻيهر ڪنڌ در ڏانهن نهاري پڪ ڪئي ۽ وڏي اعتماد سان چيو زندگي جي پهرين ميڙ ۾ وڃڻ واري غلطي اڃان ڀوڳيان پيو معاف ڪجو مان ٻيو رسڪ نٿو کڻي سگهان. اسان هن جي معصوماڻي جواب تي وڏو ٽهڪ ڏنو هن موٽ ۾ رڳو چپن تي هلڪي مرڪ آندي.هن پڇيو ڇا اوهان واقعي جيئي سنڌ وارا آهيو اسان ها ۾ ڪنڌ ڌوڻيو هن اسان کي گهر جي در جي چائنٺ تي ويهي اسان کي پيرن کان مٿي تائين ڏٺو. مون سمجهيو حليم بروهي شايد  پنهنجي ئي گهر جي در جي چاڙهي جا ڏاڪا ڳڻي رهيو آهي.
هن ورائي ورائي اسان کي ڏٺو ۽ نيٺ هٿ ۾ جهليل بوتل هنج ۾ رکي حيرت مان چتائي ڏسندي چيو ته، اوهان ٽهڪ ڏئي به کلي سگهو ٿا، اوهان جون مڇون گارڊر جيڏيون به ناهن نه ئي شلوار سورنهن والن جي اٿوَ پوءِ ڪيئن چئو ٿا ته اوهان جيئي سنڌ وارا آهيو.
مون چيو نور ڀٽاري اسان جيئي سنڌ وارا ئي آهيون.
هن کي اعتبار نه پئي آيو. هن کي  اسان جي ٽهڪن تي حيرت هئي، پوڙهي حليم چيو جن ۾ مزاح جي حس مري وڃي ٿي اهي ماڻهو مرده ماڻهن جيان آهن. اوهان ڏسڻ ۾ چڱا ماڻهو ٿا لڳو سو کڻي اعتبار ٿو ڪريان ته اوهان واقعي جيئي سنڌ جا آهيو .
پوڙهي حليم چيو مونکي سنڌ يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽ افيئرس جو چڱو مڙس بڻايو ويو. وي سي صاحب جو خيال هو ته منهنجي ڪارٽون جهڙي چهري کي ڏسي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي کل اچي ويندي ۽ هو مسئلن جي حل کان پهرين ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان آجا ٿي ويندا. مان پهرين ڏينهن ئي آفيس ۾ ويٺس ته اوهان جا جيئي سنڌ جا ليڊر اچي آفيس ۾ لٿا. منهنجي آفيس جي پٽيوالي ڪرسين کي سڌو ڪري اوهان جي ليڊرن کي ويهاريو مون پٽيوالي کي حڪم ڪيو ته تڪڙو تڪڙو سنگت کي پاڻي پيار. پٽيوالي پاڻي جا گلاس ڀري ليڊرن جي اڳيان رکيا هڪ وڏي شهپريل جوان چيو پاڻي ناهي پيئڻو اسان جا مسئلا حل ڪريو. مون پٽيوالي کي چيو پٽ پاڻي واپس….
پٽيوالي گلاس ٽيبل تان چونڊڻ شروع ڪيا ۽ ٽرائي ۾ وجهي هليو ويو هاڻي آفيس ۾ مان ۽ اڳيان اوهان جا هئا. ليڊر جي مطالبن جي وڏي لسٽ پڙهي مون انگريزيءَ ۾ لکيو “ايگري agree”. ليڊر اکيون ڦاڙي پڇيو انگڙ ونگڙ ۾ ڇا لکيو اٿئي چيم انگريزي ۾ لکيو اٿم اوهان جي سڀني مطالبن سان متفق آهيان. ليڊر ڪنو منهن ڪري چيو ته پوءِ هن ئي وقت مطالبا حل ڪر. مون چيو حاضر. مون ٽيبل جو خانو کوليو، کيسي مان پرس ڪڍيو ان ۾ ڳولا ڪيم. مون چيو الادين جو چراغ اڄ ڀُل ۾ گهر ڇڏي آيو آهيان سڀاڻي کڻي ايندس حاضر. هي شايد  منهنجي ڳالهه سمجهي نه سگهيو . ليڊر ٽيبل تي مڪ هڻي چيو تون پاڻ کي وڏو عالم ۽ اڪابر ٿو سمجهين اسان کي الادين جي چراغ جا ڊپ ٿو ڏين تون مونکي نٿو سڃاڻين مان تنهنجي آفيس کي ئي باھه ڏيئي ڇڏيندس نه رهندو بانس نه رهندي بانسري.
مان اٿي بيٺس مون پينٽ جي کيسي مان ماچيس ڪڍيو ۽ کيس هٿ ۾ ڏيئي مرڪي آفيس کان ٻاهر نڪري آيس. پويان آفيس ۾ باھه جا مچ ٻري ويا مون سوچيو هو ته ليڊر جي هٿ ۾ ماچيس ڏيندس ته موٽ ۾ وڏو ٽهڪ ڏيندو هتي قصو ئي ابتو ٿيو هن ٽهڪ ڏيڻ بدران مورڳو باھه ڏيئي ڇڏي . اڳتي انڪوائري ۾ ثابت ٿيو ته جنهن ماچيس مان باھه لڳي هئي اهو ماچيس منهنجو هو ۽ مان اسٽوڊنٽ افيئرس جي آفيسر مان خود هڪ وڏو افيئر ٿي ويس.
گهر اندران وڏو آواز آيو “حليم ڪهان هو”. هن ڄڻ ٻڌو ئي نه. سڪل سنهڙي بدن تي پيل سنهڙي ٻانهن واري اڇي گنجي کي هن ٻنهي هٿن سان سڌو ڪيو ۽ بوتل کي وري چپن سان لڳايو. مخاطب ٿيندي چيائين خبر اٿوَ اورنگزيب عالمگير لاءِ شراب حرام هو پر پنهنجي ڀاءُ دارا شڪوه کي هاٿين جي پيرن هيٺان ڪچلائڻ لاءِ هن هاٿين کي شراب جا ڊرم پياريا هئا. مان  هاٿي ته  ناهيان نه ئي عالمگير اورنگزيب، مان ته ننڍڙي ڪيولي جيان آهيان مان ڪيترو به پيان پر هن گهر جي اندر ويٺل هاٿي کي لتاڙي نٿو سگهان. پولش ٻوليءَ جي چوڻي آهي ته “جيڪو شراب نٿو پئي ان تي اعتبار نه ڪريو”. مان پنهنجي زال تي اعتبار نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ هوءَ پيئي نٿي. هن ڪجهه دير لاءِ روئڻهارڪو منهن ڪيو شايد ان لاءِ جيئن اسان ان جي حالت زار تي ٽهڪ ڏيئي سگهون.
پوڙهي حليم چيو دنيا جي تاريخ دوکن سان ڀري پئي آهي سازش در سازش ٿينديون رهيون آهن سياست ۽ اقتدار خاطر پٽ پيءُ جون گرم شيخن سان اکيون ڪڍائيندي ويرم نه ڪئي آهي رڳو حاڪمن نه پر غلامن به حاڪمن جي اکين ۾ ٻرندڙ باھه جا گولا وجهي کين انڌو ڪري ڇڏيو هو . پوڙهو حليم نه چاهيندي به حيدر آباد جي ان شام جو ٽٽل دل ۽ هلڪي مرڪ سان گهر جو در ٽپي اندر هليو ويو. اسان ڀنگين جي پاڙي مان گذري ٻيهر قاسم چوڪ ڏانهن وکون کڻي هلڻ لڳاسين پر وقت ڄڻ ساڳي جڳهه تي بيٺو آهي. پوڙهي حليم جو جملو سياست ۽ اقتدار خاطر……. اڃان ڪنن ۾ ٻري رهيو آهي.
اسان جيئي سنڌ وارا به ساڳيا آهيون حيدر آباد جي شام به ساڳي آهي پر جسقم جي نوجوان چيئرمين صنعان قريشي جي اخبارن ۾ ڇپيل خبر بنھه نئين آهي. بظاهر اها اخبارن جي ٻه ڪالمي خبر ڪن ماڻهن لاءِ خالي خبر هوندي پر سياست ۽ اقتدار جي خوني رستن تي نظر رکندڙ ماڻهن لاءِ هي ٻه ڪالمي خبر سنڌ جي تاريخ جي وڏي سانحي کان گهٽ ناهي. ويساهه ڪجي ته ڪنهن تي ڪجي. اعتبار ڪري عشق ڪجي ته ڪنهن سان ڪجي. اهڙين حالتن ۾ پوڙها حليم معاف ڪجان اسان ٽهڪ به نٿا ڏيئي سگهون ۽ روئي به نٿا سگهون. بس ايتري پڪ ضرور اٿئون ته وقت سان گڏ سڀ ڳالهيون چٽيون ضرور ٿيڻيون آهن،دل جي دوري جو موت هجي يا سڙي ٻري شهيد ٿيڻ. وحشي هوائون چهرن تان سڀ پردا لاهي ڇڏينديون. سڀ ڪردار چٽا ته ٿيڻا آهن.