واپاري جي گهر مان ڌاڙي جي الزام ۾ گرفتار ڊي ايس پي عمير باجاري عدالت ۾ پيش

0
161

ڪراچي ۾ واپاري جي گهر اندر ڌاڙو هڻڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڊي ايس پي عمير طارق باجاري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، واقعي جو ڊي ايس پي سميت 15 ڄڻن خلاف پير آباد ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو

 آءِ جي سنڌ گهر اندر ڪروڙن جو ڌاڙو هڻڻ جي الزام هيٺ گذريل ڏينهن ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي عمر طارق باجاري کي هٽائي ڇڏيو هو

 ذريعن موجب ڊي آءِ جي ويسٽ پاران آءِ جي کي اماڻيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۽ خانگي ماڻهن واپاري محمد شاڪر جي گهر جي جهڙتي ورتي، ڪا به غيرقانوني شيءِ هٿ نه اچڻ کانپوءِ گهر مان ڦرلٽ ڪئي وئي

 واپاري شاڪر جي گهر مان 80 تولا سون ۽ 2 ڪروڙ روپيا ڦريا ويا، ذريعن موجب پوليس آفيسرن جي گرفتاري بعد واپاري جي گهر مان ڦريل سون ۽ پئسن مان ڪجهه رقم واپس ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

ڪراچي: واپاري جي گهر ڌاڙي ۾ پوليس آفيسر ملوث: ايس ايس پي عمران قريشي گهر ڀيڙو، ڊي ايس پي عمير باجاري گرفتار