اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي غير مشروط معافي قبول ڪري ورتي، توهين عدالت جو نوٽيس واپس ورتو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مصطفيٰ ڪمال ۽ فيصل واوڊا کي روسٽرم تي گهرائي ورتو، چيف جسٽس ٻنهي اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي چيو توهان پارليامينٽ ۾ عوام جي نمائندگي ڪيو ٿا، اسان توهان جي عزت ڪيون ٿا اميد آهي ته توهان به اسان جي عزت ڪندا، توهان جي غير مشروط معافي قبول ڪيون ٿا، آئنده احتياط ڪجو، اٽارني جنرل پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جي پريس ڪانفرنس جو حوالو به ڏنو، چيف جسٽس چيو ته هن ڇا چيو هو؟ اٽارني جنرل چيو ته مان اهي لفظ ورجائي نه ٿو سگهان، هن توهان ۽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بابت لفظ چيا هئا، چيف جسٽس چيو ته رئوف حسن جي ڀاءَ فواد حسن کي اسان رليف ڏنو هو، ڇا ان ڳالهه سان هن کي تڪليف ٿي؟ اٽارني جنرل چيو ته رئوف حسن جي پريس ڪانفرنس تي توهين عدالت جي درخواست به آيل آهي، چيف جسٽس چيو ته مان پنهنجي باري ۾ ڪيل ڳالهه تي ڪارروائي نه ڪندو آهيان، ننڍپڻ ۾ والده چوندي هئي ته جيڪو چوندو اهو ئي هوندو آهي، ننڍپڻ ۾ جيڪي ڳالهيون گهٽين ۾ ٻڌندا هئاسين هاڻي ٽي وي چينلز تي ٻڌندا آهيون، اسان کي ڪوئي شوق ناهي ته ڪنهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪريون پر معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي، جسٽس عقيل چيو ته ٽي وي تي انهن ماڻهن کي ويهاريو ويندو آهي جن کي قانون جي ڪا به خبر ناهي هوندي، ايئن تبصرا ڪندا آهن ڄڻ 1600 فيصلا لکي چڪا هجن، عدالت چيو ته  مصطفيٰ ڪمال ۽ فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس هلائي ڪيترا پئسا ڪمايا، عدالت پريس ڪانفرنس نشر ڪرڻ تي ٽي وي چينلز کي شوڪاز نوٽيس تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، فيصل واوڊا غير مشروط معافي قبول ٿيڻ تي عدالت مان نڪرڻ وقت شڪراني جو سجدو ادا ڪيو.