ٽنڊوالهيار : ايس ايس پي ٽنڊوالهيار پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اطلاع تي ترت واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ زخمين کي سول اسپتال روانو ڪيو، واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.