وارث ڏنو ماڇي: زرعي زمين تان ڳوٺاڻي جو لاش ھٿ اچڻ وارو مامرو، 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
455

وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ڀرسان گذريل ڏينهن زرعي زمين تان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ اچڻ واري مامري ۾ اڳڀرائي، زاهد جوڻيجو جي وارثن پاران 5 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ ھو تھ زاهد جوڻيجو کي جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪيو، ڪيس ۾ عابد جوڻيجو، عبدالله، عرض محمد، مومن سميت پنج ڄڻا نامزد ڪيا ويا.