وائرل وڊيو تي تنقيد ڪندڙن مٿان پريتي زنٽا ڏمرجي پئي

0
229

ممبئي(شوبز نيوز) وائرل وڊيو تي تنقيد جو نشانو بڻجڻ تي پريتي زنٽا ڪاوڙجي پئي. ڪجهه ڏينهن اڳ پريتي جي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هن کي هڪ معذور فقير سان مبينا نامناسب رويو اپنائڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

اداڪارا پنهنجي سوشل اڪائونٽ تي واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي لکيو ته هڪ معذور فقير مونکان پئسا گهري رهيو هو، مان اڪثر هن کي پئسا ڏئي ڇڏيندي هيس پر ان وقت مون وٽ پئسا موجود نه هئا

مان معذور فقير کي چيو ته هو ته مون وٽ اڄ صرف ڪريڊٽ ڪارڊ آهي، جنهن تي مونسان گڏ موجود هڪ عورت طرفان هن کي پئسا ڏنا ويا، هن وڌيڪ لکيو ته ان معذور شخص عورت طرف پئسن کي واپس اڇائي ڇڏيو ڇوته اهي ڪافي نه هئا ۽ پوءِ ڪاوڙ ڏيکاريندي منهنجي گاڏيءَ جو پيڇو ڪرڻ لڳو

اداڪارا فوٽو گرافر تي به تنقيد ڪندي لکيو ته ڪنهن ان فقير کي نه روڪيو ۽ مذاق اڏائيندا رهيا. پريتي پنهنجي پوسٽ ۾ تنقيد ڪندڙن تي ڪاوڙ ڪندي وڌيڪ لکيو ته هر ڳالهه ۾ سيليبرٽيز جي ڪردارڪشي جي عادت ڇڏي ڏيو، راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ تصوير جو ٻيو پاسو به ڏسو