صوابي(م ڊ) صوابي ۾ چونڊ جلسن دوران ڪارڪنن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر کي سڌيون ٻڌائي ڇڏيون، جلسي ۾ سوال ڪرڻ تان اسد قيصر ڪاوڙجي پيو، اهڙي واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڪارڪنن اسد قيصر کان سوال ڪري رهيا آهن ته توهان هڪ ڪم ٻڌايو جيڪو اسان جي علائقي ۾ ڪرايو هجي. جنهن تي اسد قيصر ڪاوڙ ۾ جواب ڏيندي چيو ته ووٽ جنهن کي ڏيڻو آهي ڏي پر ڳالهايو طريقي سان، هن چيو ته چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ علائقي جا مسئلا حل ڪندس، پي ٽي آءِ اڳواڻ جي مسئلا حل ڪرڻ واري خاطري تي هڪ ڪارڪن ڪوڙ آهي ڪوڙ آهي جا نعرا هڻندو رهيو.