ڪويت (انٽرسٽنگ نيوز) آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) مصنوعي ذهانت ٽيڪنالوجي کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجهه ملڪن ۾ نيوز اينڪر جي ڪم لاءِ به ان جي مدد ورتي وئي آهي. چين ۽ ڀارت سوڌو ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان ٽيڪنالوجي کي ميڊيا ادارن طرفان استعمال ڪيو پيو وڃي.هاڻ ان فهرست ۾ عرب ملڪ ڪويت جو نالو به شامل ٿي  ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اي آءِ ٽيڪنالوجي جي مدد سان تيار ڪيل ورچوئل اينڪر کي متعارف ڪرايو ويو آهي.ڪويت نيوز ويب سائيٽ طرفان Fedha  نالي ان نيوز اينڪر جي جهلڪي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو ۾ پيش ڪئي وئي آهي. ان وڊيو ۾ هڪ عورت اهو چئي رهي آهي ته هوءَ Fedha ڪويت جي پهرين اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل اينڪر آهي، اوهان ڪهڙين خبرن کي ترجيح ڏيندا آهيو، اسان اوهان جي راءِ ٻڌڻ چاهيون ٿا ڪويت نيوز ويب سائيٽ اتان جي هڪ انگريزي اخبار ڪويت سان سلهاڙيل آهي ۽ ان جي عهديدار عبدالله بوفتان ٻڌايو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي جي آزمائش سان نئين ۽ تخليقي مواد کي پيش ڪرڻ ۾ مدد ملندي.