جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جيڪب آباد جکراڻي هائوس پهچي پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي سان امڙ ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي سان چاچيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري پئي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، اسان پلاننگ جوڙيون پيا ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي هٿيار ملڻ بند ڪيا وڃن، درياءَ جي بندن تي چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن، ڪچي جون حالتون اڳ کان بهتر آهن، هن چيو ته ملڪ جي آئين ۾ هر اداري جي حد مقرر ٿيل آهي، جيڪڏھن هڪ ادارو ٻين ادارن ۾ مداخلت ڪندو ته مسئلا پيدا ٿيندا، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پيچيدگيون وڌيون آهن، اگر سپريم ڪورٽ جي فيصلن بعد مسئلا حل ٿين ٿا ته پوءِ هر ڪوئي مڃڻ لاءِ تيار آهي، آئين ذوالفقار علي ڀٽو جو تحفو آهي، ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پ پ هميشه آئين جو تحفظ ڪيو آهي، وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري هميشه ڳالهين لاءِ تيار آهن، پي ٽي آءِ سمجهه کان ڪم وٺي پنهنجي انا هڪڙي پاسي رکي ملڪ لاءِ فيصلو ڪري، هن چيو ته سپريم ڪورٽ کان به غلطيون ٿيون آهن، پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون هڪڙي شخص جي انا خاطر ٽوڙيون ويون، مراد علي شاهه چيو ته پي ڊي ايم حڪومت جي اتحادين ۾ ڏار نه پوندو سڀ پارٽين جا پنهنجا پنهنجا نظريا آهن، ملڪ جي بهتري لاءِ آئين تي عمل ٿيڻ گهرجي ملڪ کي مشڪل حالتن کان ڪڍڻ لاءِ هڪ ئي حل آهي ماڻھن ۾ وڃي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو بيان آهي ته ملڪ عدالتي فيصلن جي ڪري 2 ٽڪر ٿيو هو، ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪيش چاولا، ارسلان شيخ، ڊاڪٽر سهراب سرڪي، مير طاهر کوسو، علي ارمان کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.