هٿن پيرن تي هلندي 22 سيڪنڊن ۾ 100 ميٽر مفاصلو طئي

0
235

اوٽاوا(اسپورٽس نيوز) ڪينيڊا جي هڪ عورت ڊوڙ جو انوکو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي38 سالن جي جولي ايم سي ڪينن 100 ميٽرن جو سفر هٿن ۽ پيرن تي ڊوڙندي 22 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. ڪيناڊا جي ميڊيا رپورٽ موجب جولي اهو رڪارڊ گريٽر ورنن ايٿليٽس پارڪ ۾ قائم ڪيو جتي هن هٿن ۽ پيرن تي ڊوڙندي 100 ميٽرن جو مفاصلو 22.99 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو جيڪو هن وقت گنيز بوڪ آف ورلڊ ۾ شامل 25 سيڪنڊن کان گهٽ آهي. رپورٽ موجب جولي 3 سالن جي عمر کان ان طريقي جي ڊوڙ جي پريڪٽس ڪندي پئي اچي، هن جو چوڻ آهي ته 30 سالن جي عمر کانپوءِ ٽئين ٻار جي پيدائش کيس هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ڪري ڇڏيو رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته عورت 2015 ۾ ورلڊ رڪارڊ قائم ڪرڻ واري جاپان جي ايٿليٽ ڪينيچي آئٽو مان متاثر آهي.