بلوچستان نئون بنگلاديش نه بڻجندو، هندستان کان پئسا وٺي قتلام ڪيو پيو وڃي:ڪاڪڙ

0
96
جبري گمشدگي واري معاملي تي سموري رياست کي جوابدار بڻائڻ مناسب نه آهي: نگران وزيراعظم
جبري گمشدگي واري معاملي تي سموري رياست کي جوابدار بڻائڻ مناسب نه آهي: نگران وزيراعظم

لاهور (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستان جي عليحدگي پسندن کي هزارين ماڻهن جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو . سندس چوڻ آهي ته هي 71ع ناهي بلوچستان نئون بنگلاديش نه بڻجندو، بلوچن نه هندستان کان پئسا وٺي قتلام ڪندڙن سان مسئلو آهي. گم ٿيل ماڻهن جا وارث اڳ به احتجاج ڪندا رهيا آهن، پوءِ به ڪندا

  بلوچستان ۾ عليحدگي پسندن کان ڪو سوال ڪندئو ته گوليون هڻندا. اهي عليحدگي پسند هزارين ماڻهو ماري چڪا آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته اسين احتجاج تسليم ڪريون ٿا، پر وارثن جي دهشتگردي برداشت نه ڪنداسين. مون کي طعنا نه ڏيو ته بلوچ مون کي ياد رکندا، بلوچن سان منهنجو ٽن نسلن کان واسطو آهي. هن چيو ته هي مون کان روز پڇن ٿا، آئون ته وڃان پيو. اسان جو جھيڙو وارثن سان ناهي، مون کي به عدالتن تي اعتماد آهي، هنن کي به آهي، ته اتي وڃن.  هن چيو ته مون تي يا گھرو وزير تي ايف آءِ آر ڪرائي ڇڏين. ڇا ٿيندو؟  نرڄائي وچان ڳالهائڻ سان ڪجھه نه ٿيندو

هن چيو ته آئون اعلانيا چوان ٿو ته هي ماڻهو ماريندا آهن، اهي هندستان کان پيسا وٺي ماڻهو مارين ٿا، 90 ماڻهو ماريندڙ 9 ماڻهن کي به سزا ناهي ملي. هن چيو ته ٻه ڏنڊا احتجاج ڪندڙن کي لڳا ته سڄو پاڪستان مون کان سوال پيو ڪري؟ ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو ان جو ڪير مون کان نٿو پڇي ته اهي ڇو مئا؟  هن چيو ته ماحول جوڙيو ويو ته بلوچستان جو وزيراعظم آهي، ڳالهه نه ٿو ٻڌي اهو ٺيڪ ناهي. هي 71ع نه آهي نه ئي نئون بنگلاديش ٺهندو. هٿياربند تنظيمون ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿيون.  سندس چوڻ هو ته ڇا اها قانون سازي ڪرايون ته بلوچستان ۾ سَهو، ڪتو ۽ پنجابي جو قتل جائز آهي؟

هن چيو ته پنجگور ۾ نوشڪي ۾ ماڻهو مرن پيا، ماستر قتل ٿين پيا پر ڪير نٿو ڳالهائي، پر چون ٿا بلوچستان جو وزيراعظم آهي مسئلا حل نٿو ڪري. هن چيو ته ٻه ڏنڊا لڳڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي، مون کي جعلي همدردن سان مسئلو آهي.  جن ماڻهن کي همدردي آهي اهي وڃي هٿياربندن جي ڪيمپ جوائن ڪري ڇڏين. 9 مئي واقعن جي جوابدارن کي به اهو ئي مسئلو آهي ته اهي حدن مان نڪري ويا هئا.   اهي جيڪي چيمپئن بڻيل آهن سي ٻڌائن ته دشتي کي ڪنهن قتل ڪيو؟ مولابخش کي ڪنهن قتل ڪيو؟ هنن کي خبر نه آهي ته اهي دهشتگرد آهن؟  نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن هن عهدي تان هٽندس، پوءِ کُلي ڳالهائيندس

هن چيو ته هي رياست ۽ هٿياربندن تنظيمن جو جھيڙو آهي. اهي هٿياربند تنظيمون ڀارتي فنڊنگ سان هلي رهيون آهن. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته وزيراعظم بلوچستان مان آهي ته ان ڪري آڱريون کڄي رهيون آهن. 98 سيڪڙو بلوچ اسان سان گڏ آهن. منهنجو مينڊيٽ ناهي ته سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيان. سندس چوڻ هو ته ڪرمنل سسٽم کي ڪير ٺيڪ ڪندو واپڊا وارا يا بينڪ وارا؟  وزيراعظم چيو ته ڪاروبار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم لاڀائتا آهن. وفاقي حڪومت ڪاروبار لاءِ موقعا ۽ مدد فراهم ڪندي. ملڪ جو اهم مسئلو اهو آهي ته ڪالهه مولانا فضل الرحمان تي حملو ٿيو

اسين اليڪشن شفاف ڪرائينداسين. هن چيو ته مون تي هر هر تنقيد ڪندڙ پنهنجي اندر جھاتي پائِين. پنهنجي پيارن لاءِ احتجاج ڪندڙن کي حق آهي، ٻيا رڳو تنقيد ڪري رهيا آهن.  انوار الحق ڪاڪڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته قرض وٺڻ خراب ڳالهه نه آهي پر ان جو درست استعمال ٿيڻ گھرجي. احتجاج سڀني جو حق آهي، پر قانون جي دائري ۾ رهي ڪرڻ گھرجي. اميد آهي ته اسان جي آءِ ايم ايف مان جند ڇٽي پوندي