هيومن رائٽس ڪميشن جي مطالبي باوجود موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بحال ڇو نه ٿي؟

0
34

هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سڄي ملڪ ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس فوري طور بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر ان باوجود نگران حڪومت موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس بحال نه ڪئي

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس پر ايڇ آر سي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نگران حڪومت کي پولنگ ڏهاڙي انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بحال رکڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ان باوجود نگران حڪومت انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند رکي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ چيو هو ته پولنگ ڏهاڙي موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند نه ٿيندي پر جڏهن پولنگ شروع ٿي ته انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪيا ويا