ڪراچي: سنڌ سرڪار روڪ رقم جي استعمال کي روڪڻ ۽ آن لائن بينڪنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس تي ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ وسيلي ادائگي ڪرڻ تي 5 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بجيٽ دستاويزن موجب هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس تي ماني کائڻ، چانهه، ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ تي ٺهندڙ بل جي ڊيبٽ ڪارڊ يا ڪريڊٽ ڪارڊ وسيلي ادائگي تي بل ۾ 5 سيڪڙو واهپيدار کي رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.