بيجنگ(دلچسپ نيوز) وائر ليس چارجنگ سسٽم جديد ترين ٽيڪنالاجي طرفان اهم اڳڀرائي آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن.چيني ٽيڪنالاجي فرم هواوي هڪ ڊگهي رينج وارو ٽرانسميشن جو وائر ليس چارجنگ سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي جنهن جي لاءِ ڪمپني سيمپل به فائل ڪيو آهي.سيمپل موجب هن وائرليس ٽيڪنالاجي جي لاءِ ٻن اهڙي ڪوائل جي ضرورت پوندي جن کي هڪ ٻئي جي ابتڙ رکي سگجهي ۽ ان جو فيصلو ٽرانسميشن پاور جي انتهائي ويجهو هجي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان ٽيڪنالاجي جي ذريعي هواوي چارجنگ فاصلي ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي خاص طور تي پائي ويندڙ ڊيوائسز مثال اسمارٽ بريسليٽ ۽ واچن جي لاءِ بهتر هوندو.