هن وقت اسان وٽ 117 سيٽون آهن ۽ سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي مان خوش  آهي: وڏو وزير

0
29
هن وقت اسان وٽ 117 سيٽون آهن ۽ سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي مان خوش  آهي: وڏو وزير
هن وقت اسان وٽ 117 سيٽون آهن ۽ سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي مان خوش  آهي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو /شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اين آئي سي ايڇ ۾ بيڊن جي کوٽ آهي،  ڪڏهن ڪڏهن 6-6 ٻار هڪ بيڊ تي سمهاريا وڃن ٿا

سنڌ اسيمبلي جي  اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته  سنڌ اسيمبلي ۾ 165 مان  ٽن ميمبرز قسم نه کنيو آهي، هن وقت اسان وٽ 117 سيٽون آهن  ۽ سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي مان خوش  آهي

مراد علي شاهه چيو ته هن ئي ايوان ۾ ملڪ جي پهرين ناڻي واري  وزير پهريون خطاب انگريزي ۾ ئي ڪيو  هو

وڏي وزير جو چوڻ هو ته منهنجي مٿان تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته  مان ٽائي ۽ پينٽ شرٽ پائي انگريزي ۾  بجيٽ ڇو پيش ڪندو آهيان؟ 5سال اڳ اسان جي ترقياتي بجيٽ  2هزار ارب رپين کان وڌيڪ هئي

هن چيو ته پنجاب حڪومت به گذريل سال پنهنجي ترقياتي بجيٽ گهٽائي هئي،  اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ ترقياتي  رٿائن تي ڪم بند نه ڪرايو ۽ سنڌ ۾  ڪم بند ڪرايو ويو

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ ساڍا 7 لک ٻوٽا لڳايا ويا آهن،  گوڙاڻو جي واريءَ ۾ مڇي جو فارم ۽ بايو  سلائي تي زراعت ڪئي پئي وڃي، صوبي جي اسپتالن جي ڇت تي  سولرائيزيشن ڪئي وئي آهي

هن چيو ته اين آئي سي ايڇ ۾ بيڊن جي کوٽ آهي،  ڪڏهن ڪڏهن 6-6 ٻار هڪ بيڊ تي  سمهاريا وڃن ٿا، سول اسپتال سکر، چلڊرين اسپتال شهيد  بي نظير آباد مثالي اسپتالون آهن، ايس آئي يو ٽي سربراهه ڊاڪٽر اديب رضوي کان جڏهن به پڇندئو ته صدر آصف زرداري جو نالو  کڻي چوندو ته ان ڀرپور مدد ڪئي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ اندر يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن، سنڌ ۾ روڊ سسٽم بهتر بڻايو ويو آهي،  تنقيد ڪندڙ ٻاهر نڪتا ئي ناهن، ان ڪري  ترقي نظر نه ٿي اچي

هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي ڀرسان غير قانوني  طور زمين آلاٽ ڪئي وئي آهي ، پابندي باوجود ڪي ڊي اي آفيسر ڪورنگي  ۾ زمين آلاٽ ڪئي، ڪورٽ ۾ غلط  بياني ڪئي وئي آهي، جن ڪي ڊي اي آفيسرز غلط بياني  ڪئي انهن کي نوڪرين تان برطرف  ڪنداسين

هن چيو ته ڪراچي به مخالف ڌر کي زيرو ڪري ڏينداسين، هن ڀيري به ذري گهٽ اپوزيشن ٻڙي ٿي وئي هئي،  ڪجهه شيون هيڏي هوڏي ٿي ويون

مراد علي شاهه چيو ته جناح اسپتال جڏهن اسان کي ملي ته 9سئو بيڊ هئا هاڻي 4 هزار  بيڊ آهن، ٽن سالن ۾ 5 هزار 380  کان وڌيڪ  ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا  آهن