ڪراچي (م ڊ) هن سال ملڪ اندر لڳ ڀڳ 68 لک 8 هزار جانور قربان ٿيندا. ان ڏس ۾ قرباني جي جانورن جا انگ اکر گڏ ڪندڙ اداري پاڪستان ٽينرز ايسوسيئيشن (پي ٽي اي) موجب  هن عيد تي  لڳ ڀڳ33 لک ٻڪر قربان ڪيا ويندا، جڏهن ته ساڍا 28 لک ڍڳا، 3 لک 75  گھيٽا به قربان ٿيڻ جو امڪان آهي ان کان سواءِ ڏيڍ لک مينهون به قربان ٿينديون، جڏهن ته مسلمان لڳ ڀڳ 99 هزار اٺ قربان ڪندا. پي ٽي اي موجب اسان جو ڪاٿو آهي ته 68 لک جانورن جون کلون 6 ارب رپين جون ٿينديون. پي ٽي اي موجب جانور جي سرسري قيمت جي حساب سان هن سال 8 کرب 50 ارب رپين جا جانور قربان ٿيندا.  ان لاڳت ۾ ڳئون جو حصو 5 سو 70 ارب رپيا آهن، جڏهن ته هڪ سو 65 ارب رپين جا ٻڪر به شامل آهن، ان کان سواءِ 33 ارب رپين جون مينهون قربان ڪيون وينديون.  هن سال ٻه ڪروڙ 55 لک ماڻهن جي طرفان قرباني ڪئي ويندي ان ۾ وڏن جانورن ۾حصا ۽ ٻڪرن ۽ ٻين جانورن جي اڪيلي قرباني به شامل آهي.