غزه (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي ظلم جو شڪار فلسطيني عوام اسرائيلي حملن ۾ تباهه ٿيل پنهنجن گھرن جي عمارتن جي ملبي جي ڍيرن تي عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي. ان ڏس ۾ غزه جي علائقي خان يونس ۾ عيد جي نماز ادا ڪندڙ محمود الجواد پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن عيد تي قرباني جا جانور نه آهن، اسين پاڻ کي قربان ڪري رهيا آهيون. اسين پنهنجا جسم قربان ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ يومِ عرفات جي موقعي تي به فلسطينين پنهنجي بلند جذبن جو اظهار ڪيو ۽ تباهه ٿيل گهٽين مان گذرندڙ ٻار تڪبير پڙهندا رهيا. يومِ عرفا تي غزه ۾ لڏپلاڻ جي مرڪزن ۾ قرآن خواني جو اهتمام به ڪيو ويو.