هنن ٻوڙائي ڇڏي سنڌ منهنجي

0
156

اسان جا سڀ سامان لڙهي ويا

ڪچي مڪان جي ڇت ڌماڪي سان

ڪري پئي

ادو گلفام مري ويو!

ننڍڙي سونهن به دم ڏئي ڇڏيو

چاچو زخمي آھي

ٻاهر وڏو پاڻي آھي

امان بابا کي ڏس ٻاهر

اندر سڏ ڪرينئس

هن منهنجي لاءِ

جيڪي ڳهه ورتا هئا

جيڪو تو ڏاج گڏ ڪيو

اهي به سڀ لڙهي ويا اٿئي

 ڪلي ٻڌل جيڪا مينهن هئي

سا به ٻڏي وئي

ڪا شي ئي ناهي رهي

او امان

ادا لاءِ جيڪي رليون ۽ موڙهه

ٺاهي هئي

اهي به لڙهي ويا

رکيل ڪڻڪ به ڀڄي وئي

ڇا کائينداسين هاڻي

ڪجهه به ناهي بچيو

هاڻي ڪيڏانهن هلنداسين

هڪڙو ئي ته ڪچو گهر هو سو به

ڊهي پيو

امان

معصوم ننڍڙا ٻئي هليا ويا

آئون پوءِ جي ڇا ڪنديس

او امان

هنن هٿ سان سنڌ ٻوڙي ڇڏي

ڇو چوندين آهين

ووٽ ڏيو هنن کي

اهي تنهنجي انڪم سپورٽ وارا ڏٽا

ڏيڻ وارا ساڳيا اٿئي

جن هٿ سان ٻوڙيو اٿئي

اڳئي به ته پاڻ  ٻڏي ٻڏي بچيا هئاسين

اهو گهر مس ئي ته وڃي ٺهيو هو

بابا ڪيڏي نه محنت ڪري جوڙيو هو

پڙهايو به ته

کارايو به هو

هڪڙو ئي گهر هو

سو به ظالمن کسي ڇڏيو

او امان

هاڻي اسان جو ڇا ٿيندو…!