ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ جي پيڙهيل طبقي جي ترقي لاءِ جوڳا انتظام ڪري، کين سياسي ميدان ۾ ڀرپور موقعا فراهم ڪيا وڃن، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ ايڇ آر سي پي پاران ” پيڙهيل طبقي جي سياسي بهتري“ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر جاويد اقبال چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين مطابق طئه  ڪيل حدن ۾ رهي شفاف اليڪشن ڪرائي سگهي ٿي،اليڪشن ڪميشن پاران 5 سيڪڙو سيٽن تي عورت اميدوارن جي لازمي نامزدگي واري قانون تي عمل ڪرايو ويو، هن چيو ته  سنڌ ۾ مڪاني چونڊن کي هڪ سال ٿي ويو پر انهن نمائندن کي ٻوڏ ۽ ٻين سببن ڪري چارج ناهي ملي، خاص معاون تنزيلا قمبراڻي چيو ته  سڀئي شيدي مسلمان آهن، انهي جي باوجود کين اڪثريت يا اقليت جو  حصو نٿو سمجهيو  شيدي عورتن کي پدرشاهي ۽ قوميت جي ٻٽي بار کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رعنا انصار چيو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ مردم شماري جو سبب اڳوڻي انگن اکرن ۾ فرق هو، جنهن سبب 40 لک گهرن جي نمائندگي نه هئي. ايم ڪيو ايم جي ڪوششن سان مردم شماري ٿئي پئي، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو چيو ته آئين جون 8 کان 28 شقون بنيادي حقن بابت آهن پر انهي ۾ ڪٿي به اهو ذڪر ناهي ته ماني انسان جو بنيادي حق آهي، اسين هندو ميريج ايڪٽ ۽ عيسائين جي قانون ۾ ترميمن لاءِ اقليتن جي ڀلائي واري کاتي سان رابطي ۾ آهيون، هن چيو ته ٿر ۾ پاڻي پهچايو وڃي ته اڌ مسئلا حل ٿي ويندا، نيشنل هيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر انيس هارون چيو ته هن آدمشماري تي سنڌ واسين کي تمام گهڻا خدشا آهن، معاشي ماهر پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته آدمشماري تي اسان کي ڪيترائي خدشا آهن، اها سنڌ واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، ٽرانسجينڊر جي اڳواڻ شهزادي راءِ چيو ته اسان کي هتي به ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي، اسان کان وڌيڪ ڪهڙو پيڙهيل طبقو آهي؟ آدمشماري ۾ ڪيترن کدڙن فقيرن جي ڳڻپ ئي ناهي ٿي ان موقعي تي طاهره حبيب، اسد اقبال بٽ، ندا تنوير ، چندن مالهي ۽ ٻين ويچار ونڊيا.