ڪوپن هيگن (انٽريسٽنگ نيوز) ڊينمارڪ سان واسطو رکندڙ هڪ شخص پنهنجي ناسن ۾ 68 ماچيس جون تيليون ڦاسائي گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب 39 ورهين جي پيٽر وون ٽينجن بسڪوو رڪارڊ ٺاهيندڙ پهرين شخص آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي پيٽر وون ٽينجن بسڪوو جون چوڻ هو ته حيران ڪندڙ طور تي کيس ائين ڪرڻ تي تڪليف محسوس نه ٿي. سندس ناسون وڏيون آهن ۽ کَلَ ڪافي لچڪدار آهي، ممڪن آهي ته ان سان کيس مدد ملي هجي. پيٽر بسڪوو جو چوڻ هو ته هو نٿو سمجهي ته هو پنهنجو رڪارڊ ٽوڙي سگھندو پر ان جو اهو مطلب ناهي ته هو مستقبل ۾ ان جي ڪوشش نه ڪندو