هل!! ڪو زمانو هيو! سنڌ ۾ ٻاجهري جي ماني عام هوندي هئي ۽ گهڻي ايراضي تي پوکي به ويندي هئي پر افسوس جو هاڻي اها تمام گهٽ کاڌي وڃي ٿي. پر هاڻي سائنس ٿي چوي ته ٻاجهري ۾ انسان کي گهربل سمورا خوراڪي جزا ان منجهان مهيا ٿي سگهن ٿا. ان ۾ فائبر موجود آهي، اينٽي آڪسيڊنت پڻ موجود اٿس. آئرن به ان مان ملي ٿي. پروٽين به ان ۾ موجود آهي. ٻاجهري جو فصل ڳوٺن  توڙي شهرن ۾ رهندڙ لکين ڪروڙين ماڻهن جو پيت پالي ۽ انهن کي صحتمنند زندگي مهيا ڪري سگهي ٿي…. (رضا ٻرڙو جي پوسٽ)