اسلام آباد/سرگوڌا (بيورورپورٽ+م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڪستان جي هر ڊويزن کي صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مان هر روز وڌيڪ خطرناڪ ٿي رهيو آهي. مون کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ چئن ڄڻن بند ڪمري ۾ منصوبو جوڙيو آهي. مجبور نه ڪيو وڃي ته انهن ماڻهن جا نالا کڻان جن حڪومت ختم ڪرڻ ۾ حصو ورتو. عمران خان ضمانت جي درخواست منظور ٿيڻ بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران صحافين سان غيررسمي گفتگو دوران چيو ته مان هر روز وڌيڪ  خطرناڪ ٿي رهيو آهيان. صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان جي گهرواري ملڪ رياض کان هيرن جو هار ورتو هو؟ جنهن تي عمران خان چيو ته هار گهڻو سستو هوندو آهي، ڪنهن مهانگي شئي جي ڳالهه ڪريو. ٻئي طرف سرگوڌا ۾ وڪيلن ۽ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان جي هر ڊويزن صوبو هجڻ گهرجي، جيترو بهتر صوبو هوندو ماڻهن جا مسئلا اوترا حل ٿيندا. وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي، جيترا صوبا وڌيڪ هوندا اوترا مسئلا گهٽ هوندا. هن چيو ته قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري جون ذميواريون وڌيڪ آهن، مان قانون جي پاسداري واري جنگ وڙهان پيو، هتي ڪمزور لاءِ الڳ ۽ طاقتور جي لاءِ الڳ قانون آهي، هتي غريب کي جيل ۽ چور کي اهم عهدا ڏنا ويندا آهن. عمران خان چيو ته ڀلي ڪجهه به ٿي پوي پر انهن چورن ۽ ڦورن کي قبول نه ڪندس، اهو نٿو ٿي سگهي ته ملڪ لٽيندڙن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر قبول ڪندو وڃان. هن چيو ته چون ٿا ٻوڏ اچي وئي آهي عمران خان چپ ڪري ويهه، چون ٿا عمران خان آءِ ايم ايف جي توهين ڪئي آهي. هن چيو ته چئن ڄڻن بند ڪمري ۾ ويهي سازش ڪئي ۽ پوءِ مون کي نااهل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو، مون هڪ ٽيپ رڪارڊ ڪري رکي آهي جنهن ۾ انهن چئن ڄڻن جا نالا آهن جن منهنجي حڪومت خلاف سازش ڪئي ۽ منهنجي نااهلي جو منصوبو جوڙيو، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته اها ٽيپ عوام جي سامهون ايندي ۽ پوءِ عوام انهن چئن ڄڻن کي نه ڇڏيندا. هن چيو ته هنن نااهل ڪرڻ جو منصوبو پنجاب جي چونڊن جا نتيجا ڏسي جوڙيو ڇاڪاڻ ته هاڻ کين خبر آهي ته عام چونڊن ۾ عوامي پي ٽي آءِ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندا، هي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي پاڻ سان ملائي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر لکي ڏيان ٿو انهن کي ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته حڪومت اسان جي خلاف مسجد نبوي واري واقعي بعد توهين جا ڪيس داخل ڪيا جيڪڏهن ماڻهن هنن کي چور چيو ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه هو جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ پوءِ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا ويا جنهن سان پاڪستان دنيا ۾ بدنام ٿيو، ڇاڪاڻ ته عالمي ادارن ۽ اخبارن جي فرنٽ پيج تي منهنجي خبر لڳي جيڪا پهرين ڪڏهن به نه لڳي هئي. هن چيو ته هاڻ شوڪت ترين تي غداري جو ڪيس هلائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي هن آءِ ايم ايف جي توهين ڪئي ته آءِ ايم ايف جي توهين جي نالي سان ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هاڻ هي توشا خاني طرف اچن پيا آئون به چاهيان ٿو ته توشا خاني جو ڪيس هلي جنهن جي کليل ٻڌڻي ٿئي ۽ پوءِ زرداري، نوازشريف، يوسف رضا گيلاني کي مليل تحفن تي به ٻڌڻي ٿئي ته جيئن عوام کي خبر پوي ته ڪنهن ڪيترو فائدو کنيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو. هن چيو ته جيڪو صحافي اسان جي حمايت ڪري رهيو آهي ان خلاف ايڪشن کنيو ويندو آهي. ارشد شريف کي اي آر واءِ تي دٻاءُ وجهي ڪڍيو ويو، اياز امير کي ذليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رڳو ان ڪري ته عمران خان جي ڪو حمايت نه ڪري، ان لاءِ ڪو نڪري نه، عمران کي رستي تان هٽائي هنن چورن کي اقتدار ۾ آندو وڃي. هن چيو ته چور حڪمرانن کي چوان ٿو ته جيڪو به چاهي حربو استعمال ڪريو هاڻ توهان نه ٿا کٽي سگهو، جيترو منهنجي پارٽي کي دٻائيندئو اوترو وڌيڪ اڀرندي. جيڪو مرضي ڪري وٺو ميڇ هارائيندئو، ملڪ جو سوچيو ذاتي مفادن جو نه سوچيو، 22 ڪروڙ پاڪستانين جو سوچيو. ٻارن جي مستقبل جو سوچيو. ٻارن جو مسقتبل آصف زرداري، نواز شريف جهڙن چورن جي هٿ ۾ نه آهي، چونڊون ڪرايون وڃن جيترو ڀت سان لڳائيندئوا وترو وڌيڪ مقابلو ڪندس هن چيو ته مون کي مجبور نه ڪيو وڃي ته آئون انهن ماڻهن جا چهرا واضح ڪري ڇڏيان جن سازش ۾ حصو ورتو.